ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 900 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 60 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.
10 گرام سون 772 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 9 هزار 242 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 9 ڊالر واڌ سان 3380 ڊالر في اونس آهي.
You might also like