جهلم (ويب ڊيسڪ) پوليس مذهبي اسڪالر انجنيئر محمد علي مرزا کي گرفتار ڪري ورتو.
جهلم پوليس موجب انجنيئر محمد علي مرزا کي 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب انجنيئر محمد علي مرزا خلاف مذهبي جماعتن طرفان درخواست داخل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته محمد علي مرزا کي هڪ مهيني لاءِ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ نظربند ڪيو ويو آهي ۽ سندس اڪيڊمي کي سيل ڪري ان جي گهر ٻاهران به پوليس مقرر ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته انجنيئر محمد علي مرزا سوشل ميڊيا تي گهڻو متحرڪ آهي ۽ سندس پنهنجو يوٽيوب چينل به آهي.
You might also like