نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پوليس ڪرناٽڪ ۾ ڌرمسٿلا مندر جي هڪ اڳوڻي ملازم کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن دعويٰ ڪئي هئي ته کيس زبردستي سوين عورتن جا لاش دفن ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو هو، جن کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ڪوڙي شاهدي ڏيڻ جي الزام ۾ کيس حراست ۾ ورتو، ان شخص جولاءِ جي شروعات ۾ پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائي ۽ ميجسٽريٽ آڏو بيان به ڏنو هو.
هن پوليس کي ٻڌايو ته 1995 کان 2014 تائين مندر ۾ صفائي جو ڪم ڪندو رهيو ۽ کيس انهن عورتن ۽ ڇوڪرين جا لاش دفنائڻ لاءِ چيو ويندو هو، جن ۾ نابالغ به شامل هيون، انهن کي زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويندو هو.
ان شخص ڪنهن جو نالو نه کنيو پر پنهنجي شڪايت ۾ هن مندر جي انتظاميا کي ذميوار قرار ڏنو، جڏهن ته مندر جي سربراهه الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
اڳواڻي ملازم چيو ته مندر جا عملدار کيس لاش ٺڪاڻي لڳائڻ تي مجبور ڪندا هئا پر جيڪڏهن کيس ۽ سندس ڪٽنب کي تحفظ ملي ته هو لاڳاپيل ماڻهن جا نالا به ظاهر ڪندو.
ڪرناٽڪ جي گهرو وزير خاطري ڪرائي آهي ته کيس تحفظ فراهم ڪيو ويندو.
مندر جي اڳوڻي ملازم ڳجهي طور تي هڪ قبر مان ڍانچو ڪڍي پنهنجي دعويٰ جي ثبوت طور به پيش ڪيو آهي.
هوڏانهن مندر جي هڪ ترجمان چيو ته هو مڪمل جاچ جي آجيان ڪن ٿا ۽ اميد ته پوليس حقيقتون سامهون آڻيندي.
You might also like