پي ٽي آءِ کي جهٽڪو، سلمان اڪرم راجا پاران عهدو ڇڏڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا پارٽي عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ سلمان اڪرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪري عهدو واپس وٺڻ جي اپيل ڪندس، اعتماد ڪرڻ تي عمران خان جو ٿورائتو آهيان، مان سڄي زندگي جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي.
هن چيو ته مون کي دهشتگردي جي 20 ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪيو ويو، جيل کان نٿو ڊڄان، پنهنجي جدوجهد جاري رکندس.
سندس چوڻ هو ته مان پارٽي جي اندر ۽ ٻاهر هر قسم جا حملا برداشت ڪيا ۽ بيٺو رهيل، اڳتي به پي ٽي آءِ باني سان گڏ بيٺو رهندس ۽ وڪيل طور پنهنجون خدمتون بنا معاوضي جاري رکندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.