اسلام آباد ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو 40 هين ڏينهن به ڌرڻو

اسلام آباد (م ڊ) بلوچ  يڪجهتي ڪميٽي (بي وائي سي) اسلام آباد ۾ جاري  ڌرڻي کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو هاڻي پنهنجي 40هين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو، 16 جولاءِ تي شروع ٿيل ڌرڻو ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، بيبرگ بلوچ، شاجي بلوچ ۽ گل زادي بلوچ  سوڌو ساٿين جي آزادي ۽ بلوچستان ۾ سمورن جبري گمشدگين جو خاتمو آڻڻ لاءِ ڏنو ويو آهي، جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته احتجاج رڳو بلوچ عوام لاءِ ناهي پر انصاف، انساني وقار ۽ سچائيءَ جي جدوجهد آهي، بلوچ  يڪجهتي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ ساٿي پرامن سياسي ڪارڪن آهن، پر هڪ منظم منصوبي تحت کين دهشتگرد طور پيش ڪيو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ ڌرڻو جاري رکڻ لاءِ تيار آهيون ۽ هڪ ڏينهن هي ادارا مجبور ٿي اسان جو آواز ٻڌندا، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي طرفان ميڊيا ۽ عدالتن جي ڪردار تي به افسوس ظاهر ڪيو ويو، چيو ويو ته ميڊيا سندن جائز مطالبن کي ٽوڙي مروڙي ڪري پيش ڪري رهي آهي، جڏهن ته عدالتون بار بار رمانڊ وڌائي مظلومن سان زيادتي کي وڌائي رهيون آهن، بلوچ ڪميٽي واضح ڪيو ته احتجاج مڪمل طور پرامن رهندو، جيستائين تائين ساٿين کي آزادي نه ملي تيستائين تائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو، ساڳئي وقت قومي ۽ عالمي ادارن کي اپيل ڪئي وئي ته سندن جدوجهد ۾ ساٿ ڏنو وڃي، پنهنجي جدوجهد جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.