ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ليجنڊري اداڪار گووندا ۽ سندس زال سنيتا آهوجا جي طلاق جون خبرون هڪ ڀيرو ٻيهر زور پڪڙي رهيون آهن، جڏهن ته جوڙي اڃا تائين ڪنهن به ان معاملي تي ڪو ردعمل ناهي ڏنو.
شوبز ويب سائيٽ ” بالي ووڊ شاديز“ جي رپورٽ موجب، گذريل سال ڊسمبر کان ئي سندن طلاق جون خبرون گردش ۾ هيون، پر ڪجهه وقت لاءِ خاموشي ڇائنجي وئي، هاڻي وري ڪجهه رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنيتا آهوجا طلاق لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو.
رپورٽ موجب، سنيتا پنهنجي مڙس مٿان بيوفائي جا الزام مڙهيا هئا، جنهن کانپوءِ ٻنهي طلاق جون افواهون رد ڪيون هيون، پر ان باوجود هو مختلف موقعن تي هڪٻئي سان گهٽ نظر آيا.
هلندڙ سال مئي ۾عدالت طلاق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ سنيتا پيش ٿي، پر گووندا پيش نه ٿيو. جڏهن ته جون ۾ به عدالت جوڙي کي طلب ڪيو، پر ڀيرو وري اداڪار غير حاضر رهيو.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته سنيتا هر ٻڌڻي ۾ عدالت آئي آهي، جڏهن ته گووندا ڳالهين ذريعي اختلاف ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنيتا 1955ع واري ”هندو مئرج ايڪٽ“ تحت طلاق جي درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ هن مڙس تي ٻين عورتن سان ناجائز لاڳاپن جا الزام لڳايا.
فيبروري ۽ مارچ ۾ ٻنهي دٻيل انداز ۾ طلاق واري ڳالهه کي ڪوڙو قرار ڏنو هو، سُنيتا به چيو هو ته “ڪو به مون کي منهنجي مڙس کان ڌار نه ٿو ڪري سگهي.“
رپورٽن موجب، سينيئر اداڪار جا لاڳاپا مبينا طور تي 30 ورهين جي مراٺي اداڪارا سان هئڻ سبب مڙس ۽ زال ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا هئا.
ياد رهي ته گووندا ۽ سنيتا آهوجا 1987 ۾ شادي ڪئي هئي، ٻنهي کي ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آهي.
You might also like