سعودي عرب ۾ نوجوان عورتن جو انگ ڪيترو آهي؟ انگ اکر سامهون اچي ويا

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي ڳڻپ بابت جنرل اٿارٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتن جي عمر 29 سالن کان گهٽ آهي، جيڪو ملڪ ۾ عورتن جي آبادي ۾ نوجوان طبقي جي وڌندڙ شرح جي عڪاسي ڪري ٿو.
اٿارٽي ”سعودي عورت 2024“ جي عنوان سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ته سعودي عرب ۾ عورتن جو ڪُل انگ 98 لک آهي، جن مان 35.7 سيڪڙو عورتن جي عمر 15 کان 34 سالن جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته 17.6 سيڪڙو عورتن جي عمر 20 کان 24 سالن جي وچ ۾ آهي.
رپورٽ موجب 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي پيرسن عورت جي شرح 6.2 سيڪڙو آهي.
انگن اکرن موجب سعودي عرب ۾ روزگار حاصل ڪندڙ عورتن جي شرح 31.8 سيڪڙو ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سعودي ليبر مارڪيٽ ۾ انهن جي ڀائيواري 36 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.