واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي بچاءَ واري وزارت هڪ وڏو ۽ غير امڪاني فيصلو ڪندي ليفٽيننٽ جنرل جيفري ڪروز کي دفاعي انٽيليجنس ايجنسي (ڊي آءِ اي) جي سربراهه جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
اها برطرفي اهڙي وقت ۾ عمل ۾ آئي آهي، جڏهن ايجنسي طرفان جاري ڪيل شروعاتي انٽيليجنس رپورٽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان جي ابتڙ نڪتي.
بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ فوري طور اعلان ڪيو ته ڊي آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪرسٽن بوردائن عارضي سربراهه طور خدمتون انجام ڏيندي.
واضح رهي ته ايران جي جوهري اثاثن تي آمريڪي فضائي حملن جي شروعاتي انٽيليجنس جائزي چيو ويو آهي ته ان جي نتيجي ۾ ايران جو جوهري پروگرام رڳو ڪجهه مهينا پوئتي ويو آهي، اهو به محدود نقصان سان.
اهو موقف صدر ٽرمپ جي ان موقف سان ٽڪراءُ هو ته انهن اثاثن کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي.
سينيٽر مارڪ وارنر ان برطرفي کي ايجنسي ۾ وفاداري کي قابليت تي اهميت ڏيڻ جي خطرناڪ روايت قرار ڏنو ۽ چيو ته اهڙا قدم قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا.
You might also like