اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا درخواست جو اسٽيٽس آن لائن معلوم ڪرڻ جي سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي.
شهري هاڻ نادرا جي پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ذريعي ان سهولت مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ جي ان فيچر جو استعمال انتهائي آسان آهي، پاڪ آءِ ڊي تي موجود سهولتن جي ڪري هاڻ شهرين کي نادرا آفيس وڃڻ جي ضرورت ناهي.
نادرا جون تقريبون سموريون خدمتون ۽ سهولتون پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ تي موجود آهن، شهرين کي زندگي ۾ رڳو هڪ ڀيرو پهريون سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نادرا آفيس وڃڻ جي ضرورت پوندي.
نادرا ترجمان موجب ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ موبائل ايپ خاص طور تي انتهائي فائديمند آهي، ب فارم هجي يا سڃاڻپ ڪارڊ، ايف آر سي هجي يا ڪا به ضرورت، سموريون سهولتون پاڪ آءِ ڊي تي موجود آهن.
You might also like