ڪپل شرما شو جي سيٽ تي فنڪار پاڻ ۾ وڙهي پيا، وائرل وڊيو مداحن جي ڳڻتي وڌائي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ڪاميڊي شو ”دي گريٽ انڊين ڪپل شو“ جي سيٽ تي ٻن مشهور ڪاميڊين ڪرشنا اڀيشيڪ ۽ ڪڪو شردا وچ ۾ تڪرار جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻنهي فنڪارن وچ ۾ اوچتو جهيڙو ٿي پيو، ڪرشنا ڪڪو تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته ” مان توهان محبت ۽ عزت ڪيان ٿو، مان رڙيون ڪرڻ نه ٿو چاهيان.“
سندس اهڙي رويي تي ڪڪو جواب ڏيندي چيو ته ” رڙيون ڪرڻ جي ناهي، توهان معاملي کي غلط سمجهي رهيا آهيو.
وائرل وڊيو ۾ شو جو ميزبان ڪپل شرما موجود ناهي پر سيٽ تي موجود ٻيو عملو ٻنهي جي وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو ڏسجي ٿو.
وڊيو سامهون ايندي سوشل ميڊيا تي مداحن طرفان دلچسپ ردعمل ظاهر ڪيو، هڪ واهپيدار لکيو ته ” اهو سڀ ٽائيم پاس آهي، ٻيو ڪجهه ناهي.“
ٻئي صارف چيو ته ”هاڻي ته انهن کان ڪا خاص ڪاميدي به نه پئي ٿئي.“ جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن حيرت جو اظهار ڪندي سوال ڪيو ته ”هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟“
ڀارتي ميڊيا موجب، ان واقعي تي ڪڪو شردا سان رابطو ڪيو ويو پر هن ان معاملي تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو، جڏهن ته ڪرشنا اڀيشيڪ جي طرفان به اڃا تائين ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.