ايشين باڊي بلڊنگ چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان وڌيڪ ٻه سونا ٻِلا کٽي ورتا، انگ چار ٿي ويو

ٿائيلينڊ (ويب ڊيسڪ) ايشين باڊي بلڊنگ چيمپيئن شپ جي ڇهين ڏينهن پاڪستان وڌيڪ 2 گولڊ ميڊلز پنهنجي نالي ڪري ورتا.
ٿائيلينڊ ۾ جاري ايونٽ ۾ پاڪستاني باڊي بلڊرز جي شاندار ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي.
ايونٽ ۾ پاڪستان جي فيضان گل 170 سي ايم اسپورٽس فزڪ ڪيٽيگري ۾ سونو ٻِلو کٽي ورتو، جڏهن ته بلال احمد 180 سي ايم اسپورٽس فزڪ ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل ماڻيو.
ايشين باڊي بلڊنگ چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي ميڊلز جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي، جڏهن ته چيمپيئن شپ 25 آگسٽ تائين جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.