اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سي ايس ايس 2025 جي لکت امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا.
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان جاري ڪيل پبلڪ نوٽيس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته امتحان ۾ 18 هزار 139 اميدوارن درخواست ڏني هئي، جن مان 12 هزار 792 شريڪ ٿيا پر رڳو 354 ڪامياب ٿي سگهيا.
سي ايس ايس امتحان ۾ ڪاميابي جي شرح رڳو 2.77 سيڪڙو رهي، جڏهن ته جن اميدوارن جا ڪيس رد ڪيا ويا، انهن جا نتيجا قاعدن موجب روڪيا ويا آهن.
You might also like