پوليو وائرس پکڙجڻ جو خطرو، وزيراعظم اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پوليو وائرس جي خطرناڪ آئوٽ بريڪ جو خطرو پيدا ٿي ويو.
ملڪ جي 75 کان وڌيڪ ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي انڪشاف کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چئني وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽري کي ذاتي طور وزيراعظم هائوس طلب ڪري ورتو آهي.
وزيراعظم جي سربراهي ۾ اجلاس 27 آگسٽ تي ٿيندو، جنهن ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ قدمن ۽ ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو.
واضح رهي ته ملڪ جي 4 علائقن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي سڀ کان خطرناڪ قسم جي نشاندهي ٿي آهي، انهن علائقن ۾ ديامر، ڏکڻ وزيرستان، لاهور ۽ راولپنڊي شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.