ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جي ڌڄِيُون اڏايون پيون وڃن، لاهور ۾ عليمه خان جي رهائشگاھ تي سادا ڪپڙا پاتل هٿياربند ماڻهن جو حملو ۽ سندس پٽ شاھ ريز کي اغوا ڪرڻ سنگين بربريت جي کليل مثال آهي، هي انتهائي شرمناڪ ۽ قابل مذمت واقعو آهي، جيڪو ان ڳالھه کي ظاهر ڪري ٿو ته حڪومت سياسي مخالفن کي چيڀاٽڻ لاءِ رياستي ادارن کي هٿيار بڻائي ڇڏيو آهي، هي سياسي مخالفن کي دٻائڻ ۽ خوف حراس ڦهلائڻ جي هڪ منظم حڪومتي پاليسي آهي. حڪومت ۽ ان جا ماتحت ادارا عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ بدران مخالف سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي نشانو بڻائي آمراڻي روين جون بدترين مثالون قائم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسين عوام ۽ جمهوري قوتن سان گڏجي هن ظالماڻي حڪومت جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين.