ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي جاچ ادارن ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو.
سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ٻڌايو ته 28 مئي 2025 ۾ بدين جي ماتلي ۾ هڪ شهري جو قتل ٿيو، مقتول علائقي ۾ فلاحي ڪمن جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو، 45 ورهين جي شخص جي قتل ۾ ملوث 4 ڄڻن کي جولاءِ ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن کان پڇا ڳاڇا دوران نيٽ ورڪ جو پتو لڳايو ويو.
هن ٻڌايو ته واردات جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ جوابدارن کي ڏٺو ويو، اکين ڏٺن شاهدن به جوابدارن کي ڏٺو، قتل جي الزام ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ موٽر سائيڪل برآمد ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته جاچ دوران ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته قتل جي رٿابندي سنجي نالي ڀارتي ايجنٽ ڪئي، حملي جو ماسٽر مائينڊ سنجي سنجيو ڪمار عرف فوجي هڪ نار رياست ۾ رهي ٿو، را جي ايجنٽ شيخوپورا جي رهواسي سلمان ورڪ کي هائير ڪيو، جنهن محمد عمير ورڪ نالي شهري سان رابطو ڪيو، جيڪو ان سڄي واردات جو ڪمانڊر هو ۽ عمير شڪيل احمد، محمد سجاد ۽ محمد عبيد نالي شهرين ذريعي رقم ورهائي.
آزاد خان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار سنجي ڪمار سان رابطي ۾ هئا، ڀارتي ڳجهي ايجنسي را عليحدگي پسند تنظيم کي به هٿيار طور استعمال ڪيو.
اختيارين موجب جاچ ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي ته محمد ارسلان پٽ حبيب احمد نالي پاڪستاني شهري ڀارتي ايجنٽ سنجي ڪمار سان نار رياست ۾ مليو ۽ ارسلان ئي قتل لاءِ ٽيم کي سموري معاشي ۽ لاجسٽڪ مدد فراهم ڪئي.
آزاد خان ٻڌايو ته را ان واردات لاءِ وڏي رقم خرچ ڪئي ۽ سنجي ان قتل کي ٻاهرئين ملڪ مان هينڊل ڪيو، ان قتل تي ڀارتي ميڊيا جشن ملهايو.
هن چيو ته اهڙي قسم جي دهشتگردي کي اسٽيٽ اسپانسر دهشتگردي چيو ويندو آهي، معاملو هر فورم تي اٿارينداسين، گرفتار جوابدارن کان جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ گرفتارين جي به اميد آهي.
You might also like