سنڌ زرعي پاليسي،سرسبز انقلاب ۽ هارياڻي عورت جو ڪردار

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

سنڌ حڪومت جي 2018 ۾ سنڌ زرعي پاليسي متعارف ڪرائي هئي جنهن ۾ زرعي جدت سان سرسبز انقلاب جون پڻ ڳالهيون ڪيون ويون آھن.جنهن تي مختلف رخن کان ڪم ٿيندو پيو اچي.سنڌ حڪومت جي هن سنڌ زرعي پاليسي جيڪا 2018 کان 2030 تائين پڻ ڊزائين ٿيل آھي.ان سلسلي ۾ زراعت کي هٿي ڏيارڻ لاءَ ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏنل آھن.جن ۾ هاريءَ ۽ آبادگار کي جتي مدد ۽ زرعي تربيت ڏيڻ جو پروگرام ڏنل آھي اتي هو هارياڻي عورت کي به زراعت جي بهتريءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءَ پروگرام ڏنو ويو آھي.جيڪي تمام آسان ۽ گهر ويٺي يا گهر اندر ويهي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.ان سلسلي ۾ جڏهن زراعت کاتي جي مليل انگن اکرن ۽ هڪ پروگرام ڪچن گارڊن جو مطالعو ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته هي ورلڊ بينڪ جي تعاون سان ڪنهن دور ۾ شروع ڪيل پروگرام آھي. جنهن ذريعي نج گهريلو هارياڻي عورتن جي سماجي ۽ معاشي صورتحال بهتر ڪرڻ جو پروگرام رکيو ويو هو جنهن تحت 15200 گهرن کي ڪچن گارڊن جون سهولتون مفت فراهم ڪيون ويون هيون.جنهن ۾ خود ورلڊ بينڪ جي ٽيم جو به پڻ وڏو ڪردار شامل هو.

هن پروگرام ۽ منصوبي تحت سنڌ حڪومت جي زراعت کاتي ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ڳوٺاڻي هارياڻي عورت کي ڪچن گارڊن لاءَ مختلف پروگرام هلائي هارياڻي عورتن کي هن پروگرام ڏانهن متوجھه ڪيو ويو.هن پروگرام ڪچن گارڊن لاءَ گهريلو هارياڻي عورتن کي گهر ۾ سبزيون پوکڻ،مختلف ميوا ۽ مختلف گل ۽ اهڙيون هر مند سان خاص طور سبزيون پوکڻ جا ٻج مهيا ڪيا ويا.ان سان گڏوگڏ مختلف فرٽيلائيزر ڀاڻ به ڏنو ويو،ان جي سارسنڀال ۽ پاڻي وقت تي مهيا ڪرڻ لاءَ پاڻيءَ جون پلاسٽڪ ڪوڊيڊ ٽانڪيون ۽ پاڻي ڏيڻ لاءَ پائيپ پڻ مهيا ڪيا ويا آھن.ته جيئن هنن کي گهر ۾ ڪچن گارڊن کي بهتر ڪرڻ لاءَ ٻئي ڪنهن شي جي ضرورت نه پئي.هي پروگرام ورلڊ بينڪ جي تعاون سان هلايو ويو هو جنهن جي مجموعي بجيٽ پڻ 187 ملين امريڪي ڊالرز هئي.هن پروگرام ۾ وڌيڪ جيڪا ڪاميابي ملي تنهن ۾ ٿرپارڪر ضلعو وڌيڪ فيضياب ۽ ڪامياب ويو.

اهڙي نموني ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ڪامياب ٿيل هن پروگرام ڪچن گارڊن کي سنڌ حڪومت به جاري رکيو آھي.جنهن ۾ سو سيڪڙو سبسڊي سنڌ حڪومت ڏئي رهي آھي.جڏهن ته هن وقت سنڌ حڪومت پنهنجي زرعي پاليسيءَ تي عمل ڪندي زراعت کاتي جي معرفت بي زمين ۽ بيروزگار هارياڻي عورت جي سماجي ۽ معاشي سگهه وڌائڻ لاءَ ورلڊ بينڪ واري ڪامياب پروگرام کي پنهنجي پاليسيءَ جو حصو قرار ڏيندي جاري رکيو آھي.ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان 15200 گهرن تي مشتمل پروگرام ڪچن گارڊن جي ڪاميابيءَ کان پوءَ سنڌ حڪومت زراعت کاتي جي معرفت ان عمل کي پنهنجي طور تي جاري رکندي 10000 هزار بيروزگار ۽ بي زمين هارياڻين کي  ڪچن گارڊن واري تصور کي هٿي ڏيڻ لاءَ مڪمل سهڪار ڪري رهي آھي.جنهن ۾ بي زمين ۽ بي روزگار عورتن جو سواءَ محنت ڪرڻ جي هڪ روپيو به خرچ نه ٿيندو.جنهن ۾ سو فيصد خرچ سنڌ حڪومت جي ڏنل سبسڊي ذريعي ٿيندو.في عورت کي ڪچن گارڊن لاءَ 60 هزار پاڪستاني روپين کان 70 هزار پاڪستاني روپين جو سامان مهيا ڪيو ويندو.جنهن ۾ پاڻيءَ جي ڪٽ يعني ٽانڪي،سبزين ۽ فروٽن  جا ٻج انهن جي پوکائيءَ کان پوءَ ڀاڻ ۽ مختلف فرٽيلائيزر به.جڏهن ته سبزي ۽ فروٽ وارين موسمياتي جنسن پاڻي مهيا ڪرڻ لاءَ پائيپ وغيره به پرگرام ۾ شامل آھن.

زراعت کاتي جي زميوار ذريعن جو چوڻ آھي ته هن ڪچن گارڊن واري منصوبي مان سنڌ جي گهريلو عورت جيڪا پڻ هارپ کان واقف به آھي ۽ بي زمين به ته بيروزگار به آھي ان جي سماجي ۽ معاشي صورتحال بهتر کان بهتر ٿئي پئي.هي پروگرام جتي ڪامياب ويو آھي اتي هن سرسبز زرعي انقلاب زرعي ڀاڄين جي ۽ فروٽ جي مارڪيٽ واري کوٽ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آندي آھي.جتي جتي هي ڪچن گارڊن وارو پروگرام هليو آھي اتي پوري پاڙي ۾ تازيون ڀاڄيون مهيا ٿيڻ ۽ تازو فروٽ انتهائي مناسب اگهه تي مهيا ٿي رهيو آھي.جنهن سان ڪچن گارڊن ۾ ڪم ڪندڙ بيروزگار هارياڻين ۽ بي زمين هارياڻين کي روزگار ملي ٿو اتي انهن جي سماجي ۽ معاشي سگهه بهتر کان بهتر ٿي رهي آھي.هن ننڍڙي زرعي عمل سان جتي بيروزگار عورت ۽ سندس گهر ڀاتين کي روزگار ۽ مصروفيت ملي ٿي اتي پڻ اسان جي مارڪيٽ کي تازيون زرعي سبزيون ۽ فروٽ واري کوٽ پوري ٿي رهي آھي.جيڪا انساني صحتمند ماحول لاءَ انتهائي مفيد ثابت ٿئي ٿي.اهڙي طرح سان ڪنهن به انتهائي سخت بحراني صورتحال جيئن موسمياتي تبديلين سبب هڪ مارڪيٽ مان ٻي مارڪيٽ يا هڪ شهر کان ٻي شهر تائين شين جي رسد يا پهچ مشڪل ٿئي ٿي سان پڻ هن عمل سان ڄڻ ته پوري نه پر اتي جو اتي هڪ گهر کان ٻي گهر ۽ هڪ پاڙي کان ٻي پاڙي ۾ مهيا ٿئي ٿي.سنڌ حڪومت جو هي ترتيب ڏنل  پروگرام بي زمين ۽ بيروزگار هارياڻي عورتن لاءَ وڏو ڪارائتو پروگرام آھي.هن پروگرام سان زرعي جدت ۽ خاص طور گهريلو زرعي روزگار ڪرڻ وارو تصور انتهائي وڏو زرعي انقلابي قدم  چئجي ته غلط نه ٿيندو.ھن وقت موسمياتي تبديلين ۽ خاص طور سخت گرمين ۽ برساتين جي گهڻائيءَ سبب زراعت جو سيزنل فصل ۽ خاص طور سبزين جي فصل ۽ فروٽ جي متاثر ٿيڻ جون جيڪو رپورٽون سامهون اچي رهيون سي ڪافي ڇڙڪائيندڙ آھن.انڪري اهڙين حالتن ۾ ههڙا زرعي قدم ۽ تصور،پروگرام ۽ منصوبا پڻ وقتائتا آھن.ڪنهن به سخت موسم جي خطرناڪ اثرن سبب پهچندڙ زرعي نقصانن جي پورائي ڪرڻ لاءَ ههڙا ڪچن گارڊن منصوبا وڏا ڪارائتا ثابت ٿيڻ جا چٽا امڪان آھن.جيئن ڪرونا واري عالمي وبائي ڦھلاءَ واري صورت ۾ ماڻھونءَ کي ماڻھونءَ کان ۽ مارڪيٽ کي مارڪيٽ جي انساني رسد کي محدود رکيو ويو هو سو پڻ ههڙين حالتن ۾ ههڙا ننڍا زرعي انقلابي قدم پڻ وڏا ڪارائتا پڻ ثابت ٿيندا آھن.ان سلسلي ۾ صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش مهر،چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ خاص طور پروجيڪٽ جو سربراھ سيد نديم شاھ جن جي خاص توجھ سبب هي پروگرام جيڪو سنڌ حڪومت جي  زراعت پاليسي 2018 کان 2030 هڪ ڪامياب پروگرام جو حصو آھي.هنن منصوبن تي عمل ڪبدي سنڌ جي زراعت سان لاڳاپيل ماڻھن کي بهترين روزگار جا موقعا ملن ٿا.اهڙي طرح سان انساني آبادي ۽ مارڪيٽ جي سبزين جي ضرورت به احسن طريقي سان پوري ٿئي ٿي.سنڌ حڪومت کي کپي ته جيئن هن هلندڙ پروگرام ڪچن گارڊن تحت 10 هزار بيروزگار ۽ بي زمين هارياڻين ۾ مجموعي طور بجيٽ سبسبڊي جي بنياد تي ڏئي مدد ڪرڻ هڪ وڏو عملي ۽ زرعي انقلابي ڪم آھي.تيئن زراعت جي بهتريءَ لاءِ ننڍي پئماني تي اهڙا زرعي پائليٽ پروگرام کڻي زراعت جي جدت  وارن لاڙن کي سامهون رکي آندا وڃن.جيئن سنڌ زرعي پاليسي 2018 کان 2030 واري پروگرام ۾ رکيا ويا آھن.زراعت کاتي جي عملي هي جيڪو ڪچن گارڊن وارو پروگرام عملي صورت ۾ آڻي بي زمين ۽ بيروزگار هارياڻين جي سماجي ۽ معاشي صورتحال کي مدد فراهم ۽ ڪامياب پروگرام ڪيو آھي تنهن تي پڻ هنن کي جس هجي.ڇو ته هن عمل سان جتي روزگار جا ذريعا پيدا ٿين ٿا اتي پڻ زرعي ڀاڄين جي ۽ فروٽ جي کوٽ به پوري ڪرڻ واري عمل کي هٿي ملي رهي آھي.جڏهن ته ان زرعي سرسبز انقلاب سانجي هارياڻي عورت جي سماجي ۽ معاشي سگهه بهتر ٿئي پئي اتي اسان جي ماحولياتي گدلاڻ کي به ٻنجو اچي رهيو آھي.

ان ڪري ان نوعيت جي ننڍي پائليٽ پروگرام کي جديد زرعي لاڙن سان وڌيڪ روشناس ڪرائي پاڻيءَ واري کوٽ سان ۽ مجموعي زرعي زمينن جي نه هجڻ واري تصور مان گهڻائي زرعي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا.سنڌ حڪومت ۽ خاص طور زراعت کاتي جي عملي کي ان پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.