محمد صلاح ٽيون ڀيرو سال جي بهترين فٽبالر جو ايوارڊ کٽي نئين تاريخ لکي ڇڏي

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر ۽ ليوَرپول جي فارورڊ محمد صلاح کي ٽيون ڀيرو سال جو بهترين فٽبالر قرار ڏنو ويو آهي.
پروفيشنل فٽبالرز ايسوسيئيشن (پي ايف اي ) طرفان 33 ورهين جي محمد صلاح کي ”پليئر آف دي ائير“ ايوارڊ سان نوازيو ويو.
محمد صلاح، 2017 ۾ ليوَرپول ۾ شامل ٿيو، فٽبالر گذريل پريميئر ليگ ۾ 29 گول سان ٽاپ اسڪورر رهيو ۽ پنهنجي ٽيم کي ٽائٽل کٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هو نه رڳو پريميئر ليگ جو سڀ کان وڌيڪ 29 گول ڪرڻ وارو رانديگر بڻيو پر ”پليئر آف دي سيزن“ ايوارڊ، گولڊن بوٽ ۽ سڀ کان وڌيڪ اسسٽ لاءِ”پلي ميڪر “ ايوارڊ پڻ پنهنجي پنهنجي نالي ڪيو.
محمد صلاح هڪ ئي سيزن ۾ ”پليئر آف دي ائير“ سميت ٽئي وڏا ايوارڊ ماڻيندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو آهي.
ان کان اڳ صلاح 2018 ۾ ليوَرپول سان پنهنجي پهرين سيزن ۾ ۽ پوءِ 2022 ۾ به ”پليئر آف دي ايئر“ ايوارڊ کٽي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.