ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسپيس اينڊ اپر ايٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن (سپارڪو) ربيع الاول جو چنڊ نظر اچڻ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
سپارڪو موجب ربيع الاول مهيني جو چنڊ 24 آگسٽ تي نظر اچڻ جو امڪان آهي ۽ ان صورت ۾ 12 ربيع الاول 5 سيپٽمبر جمعي تي ٿي سگهي ٿي.
سپارڪو جو چوڻ آهي ته ربيع الاول جي چنڊ جي پيدائش 23 آگسٽ جي صبح 11 لڳي 6 منٽن تي ٿيڻ جو امڪان آهي، 24 آگسٽ تي سج لٿي تائين چنڊ جي عمر تقريبن 32 ڪلاڪ 13 منٽ هوندي.
You might also like