حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) صحافي خاور حسين جي ٻئي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ موت جو ڪارڻ مٿي ۾ گولي لڳڻ کي قرار ڏنو ويو آهي.
خاور حسين جي ٻئي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مٿي ۾ لڳندڙ گولي ڪانٽيڪٽ شاٽ هئي، جيڪا ساڄي پاسي کان داخل ۽ کاٻي پاسي کان نڪتي.
شروعاتي رپورٽ موجب گولي سان دماغ مڪمل طور متاثر ٿيو ۽ مٿي ۾ لڳندڙ گولي کي موت جو ڪارڻ بڻي.
ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته ٻئي پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ ليبارٽري رپورٽون وصول ٿيڻ کانپوءِ جاري ٿيندي.
You might also like