ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي 16 ڏينهن کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي.
بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس روزي خان بڙيچ ۽ جسٽس سردار احمد حليمي موبائل فون انٽرنيٽ سروس جي معطلي خلاف آئيني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ لاڳاپيل اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون.
هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو ته ڪوئيٽا ۾ موبائل فون انٽرنيٽ ڊيٽا سروس ٻه ڪلاڪن ۾ بحال ڪيو.
اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم نامي کانپوءِ ڪوئيٽا شهر ۾ موبائل فون انٽرنيٽ ڊيٽا سروس بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي پر صوبي جا ٻيا شهر اڃا تائين موبائل انٽرنيٽ سروس کان محروم آهن.
عدالتي حڪم کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ 16 ڏينهن کان بند موبائل فون انٽرنيٽ سروس بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي.
You might also like