مڙس نورا فتحي جهڙي نظر اچڻ لاءِ سخت ورزش ڪرائيندو آهي! عورت دانهن کڻي ٿاڻي پهچي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر غازي پور ۾ عورت پنهنجي مڙس جي شڪايت کڻي ٿاڻي پهچي وئي.
مراد نگر واسڻ 26 ورهين جي عورت شڪايت داخل ڪرائيندي چيو ته مڙس روز 3-3 ڪلاڪ ورزش ڪرائيندو آهي ته جيئن مان نورا فتحي جهڙي نظر اچان.
هن پوليس کي ٻڌايو ته منهنجو مڙس فزيڪل ايجوڪيشن ٽيچر آهي ۽ سخت ورزش ڪرائيندو آهي، هو نورا فتحي جو وڏو مداح آهي ۽ چاهي ٿو ته مان به ان جهڙي نظر اچان.
عورت دانهيو ته ورزش نه ڪرڻ تي مڙس مون کي کاڌو ناهي ڏيندو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بکيو رکندو آهي، منهنجا ساهرا ڏاج ۽ پيسن جو مطالبو ڪندا رهندا آهن ۽ هراسان ڪندا آهن.
پوليس عورت جي شڪايت تي سندس مڙس ۽ ساهرن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.