لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اسڪولن ۾ ٽيلنٽ هَنٽ پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي سي بي موجب, پروگرام تحت ملڪ جي 39 ضلعن جي 400 کان وڌيڪ اسڪولن ۾ 60 کان وڌيڪ ڪوچز ٽرائلز وٺندا.
ٽيلنٽ هَنٽ کانپوءِ 400 کان وڌيڪ اسڪولن جي وچ ۾ ايندڙ مهيني 40 اوورز في اننگز تي ٻڌل ون ڊي ٽورنامينٽ ڪرائي ويندي.
ايونٽ جون 100 بهترين ٽيمون ويڪ اينڊ اسڪولز ليگ کيڏنديون، جنهن جي چيمپئن ٽيم کي پرڏيهي دورا ڪرايا ويندا.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ٽورنامينٽ جا ٽاپ پرفارمرز پي سي بي انڊر 15 ۽ انڊر 17 ٽورنامينٽن ۾ به حصو وٺندا.
ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ عبدالله خرم نيازي چيو آهي ته اسڪولز ٽيلنٽ هَنٽ پروگرام جي سموري فنڊنگ پي سي بي ڪندو،
سندس چوڻ هو ته هن پروگرام ذريعي ٻار تعليم سان گڏ ڪرڪيٽ کي به اڳتي وڌائي سگهندا.
هن وڌيڪ چيو ته پي سي بي سڄي ملڪ ۾ 168 اسڪول گرائونڊ به آباد ڪندو.
You might also like