جمعي نماز نه پڙهڻ وارن کي ٻه سال قيد ۽ ڳري ڏنڊ جي سزا جو اعلان

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي رياست ترنڪگا نور ۾ شرعي عذر بنا جمعي جي نماز نه پڙهندڙ مردن لاءِ سخت سزا جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ملائيشين اسلامي پارٽي (پي اَي ايس) جي انتظام هيٺ هلندڙ هن رياست ترنڪگا نور ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته هڪ ڀيرو به جمعي جي نماز ڇڏڻ سزا جوڳو ڏوهه هوندو.
اعلان موجب، اهڙي عمل تي شريعت تحت ٻن سالن تائين قيد، 3 هزار رنگٽ (اٽڪل 2 لک پاڪستاني رپيا) ڏنڊ يا ٻنهي مان ڪا هڪ سزا لاڳو ٿي سگهي ٿي.
ان کان اڳ رياست ۾ ٽه ڀيرا جمعي جي نماز قضا ڪرڻ تي سزا ڏني ويندي هئي، پر هاڻي هڪ ڀيرو نماز ڇڏڻ به ڏوهه تصور ڪيو ويندو.
رياستي اختيارين جو چوڻ آهي ته نماز ڇڏيندڙن خلاف ڪارروائي عوامي رپورٽن يا گشت ذريعي ڪئي ويندي.
ان ڏس ۾ ترنڪگانور جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر محمد خليل عبد الهادي جو چوڻ هو ته سزا کان اڳ ماڻهن کي ياد ڏيارڻ ضروري آهي، ڇو ته جمعي جي نماز نه رڳو مذهبي علامت پر مسلمانن ۾ فرمانبرداري جو اظهار پڻ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اهڙن ماڻهن کي تڏهن سزا ڏني ويندي جڏهن کين جمعي جي نماز پڙهڻ جي ياد ڏيارڻ باوجود به اهي نماز ادا نه ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.