ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن جي تيز برسات سبب پيدا ٿيندڙ ڏکيائين تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهرين کان معافي گهري ورتي.
هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ 200 ملي ميٽر برسات سبب اربن فلڊنگ ٿي، 3 ڪلاڪ تيز برسات کانپوءِ بٽڻ دٻائي سڄو پاڻي ڪڍڻ ممڪن ناهي.
مراد علي شاهه چيو وڌيڪ چيو ته برسات کانپوءِ پيش ايندڙ ڏکيائين تي حڪومت کي به افسوس آهي ۽ شهرين کان معذرت ڪيون ٿا.
تيز برسات بعد بٽڻ دٻائي سڄو پاڻي ڪڍڻ ممڪن ناهي، ڪراچي واسين کان معافي وٺان ٿو: وڏو وزير
You might also like