ڪراچيءَ ۾ وقفي وقفي سان مِينهن وَسَي ها ته ايڏا مسئلا نه ٿين ها: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ مِينهن وقفي وقفي سان وسي ها ته ايڏا مسئلا پيدا نه ٿين ها.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته شهر ۾ هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ برسات ٿي جنهن سبب شهري ٻوڏ جو منهن ڏسڻو پيو، جيڪڏهن برسات وقفي وقفي سان ٿئي ها ته اهڙا مسئلا نه ٿين ها.
هن چيو ته وڏي وزير، ڪمشنر، عملي سميت ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب روڊن تي نظر آيا، انهن ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ شهر جا دورا ڪيا.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته شهرين کي جيڪا تڪليف ٿي، ان تي سنڌ حڪومت معذرت پڻ ڪئي.
ميونسپل ڪارپوريشن اڳواٽ ئي مرڪزي برساتي نالن جي صفائي ڪرائي هئي، پر جڏهن پاڻي جي مقدار وڌندو آهي ته ان کي نيڪال ۾ وقت لڳندو آهي. انڊر پاسن تان برساتي پاڻي ڪڍڻ لاءِ مشينري لڳل هئي.
هن چيو ته ماڻهن کي جيڪا تڪليف ٿي، ان جو احساس اسان سڀني کي آهي، پر محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ اسان سان زيادتي به ٿي رهي هئي، شهر ۾ گهڻي ڀاڱي فوتگيون بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ ۽ ڪجهه ڀتين ڪرڻ سبب ٿيون.
شرجيل ميمڻ چيو ته تازين برساتن دورانسڀ کان وڏي ڪوتاهي ” ڪي اليڪٽرڪ“ ڪئي. مختلف علائقن ۾ 48 ڪلاڪن تائين بجلي جي فراهمي معطل رهي.
حيدرآباد ۾ حيسڪو جي نااهلي سامهون آئي، جنهن لاءِ ناصر حسين شاهه لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي.
سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ڪو ٻيو صوبو نه ٺهندو، نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ وارو معاملو في الحال مفروضو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان مفروضي تي جواب نه ڏينداسين، جڏهن معاملو سامهون ايندو ته اسان جي پارٽي ان تي صلاح مشورو ڪندي ۽ پوءِ جيڪو فيصلو ٿيندو ۽ اهو سڀني کي ٻڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.