اسلام آباد(عاصمه شيرازي)اڄ جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان کي ايٽمي جنگ کان وڌيڪ خطرو موسمياتي تبديلي مان آهي۔ جيڪي تبديليون 2050 ۾ ٿيڻيون هيون، اهي 25 سال اڳ ئي، 2025 تائين اچي چڪيون آهن،پاڪستان انهن ملڪن ۾ ٽاپ تي آهي، جيڪي بدترين طور تي موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهن ٿا، اڳي پاڪستان ٽاپ 5 ۾ هوندو هو، پر هاڻي صورتحال اها آهي ته اسان ايٽمي جنگ کان به وڌيڪ خطري ۾ آهيون۔گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا، سوات ۽ ٻين علائقن ۾ برساتون، سيلاب ۽ قدرتي آفتون ڪا نئين ڳالهه نه آهن،حڪومتن جون ترجيحون موسمياتي پاليسين تي ڪڏهن به نه رهيون۔بلين ٽري سونامي” جهڙيون ڳالهيون ٿيون، پر حقيقت ۾ وڻ ڪٽيا ويا، ميگالا هِلز ۽ اسلام آباد جي ساوڪ ختم ڪئي وئي، سيمينٽ جون ديوارون ۽ نوان پروجيڪٽ لڳايا ويا۔ڪراچي سطحِ سمنڊ کان هيٺ آهي .۽ هاڻي سمنڊ جي سطح ۾ 1.1 ملي ميٽر جو اضافو ٿي چڪو آهي، جيڪو تمام خطرناڪ آهي۔پاڪستان ۾ گرمي پد 0.63 ڊگري سينٽي گريڊ وڌي چڪو آهي، ڪٿي ڪٿي 50 ڊگري تائين پهچي ويو آهي۔واٽر ايڊيوڪيشن جي رپورٽ چوي ٿي ته بارشن ۽ سيلاب وڌيڪ شديد ۽ خطرناڪ ٿيندا۔هي سڀ ان ڪري ٿيو جو موسمياتي سائنس کي نظرانداز ڪيو ويو، گرين ٽيڪنالاجي ۽ سولر سسٽم کي ڊسڪرج ڪيو ويو (تيز ٽيڪس لڳائي عوام لاءِ ناممڪن بڻايو ويو)۔هاڻي سوال اهو آهي: ڇا پاڪستان کي پنهنجي ڪيس کي عالمي عدالت انصاف (ICJ) ۾ وٺي وڃڻ گهرجي.