مافياز پاڻي جا لنگهه بند ڪيا ته پاڻي وري شهرين جا رستا بند ڪري ڇڏيا: نصير ميمڻ

ڪراچي(عوامي نيوز) ناليوري دانشور نصير ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي هڪ ڏينهن يا هڪ برسات ۾ نه ٻڏو، هي شهر ته اٺ ڏهاڪن کان مرحليوار انچ به انچ ٻڏو آهي، ملير ۽ لياري ندين جا هزارين ايڪڙ زمينون ڪٽي انهن جو وهڪرو روڪيو ويو، قدرتي نالن جي اندر آباديون وسايون ويون، پاڻي جي وهڪري جي رستن ۾ لکين ماڻهن کي وسائڻ لاءِ بلڊر مافيا هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون، هن چيو ته ’’چائنا ڪٽنگ‘‘ ٿي، غير قانوني اڏاوتن جو هڪ ڄار وڇايو ويو، وڻن جي جاءِ تي پلازن جي قطارون بڻايون ويون، جڏهن هي سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو ته ماڻهن نعرا هنيا ته ڪراچي مني پاڪستان آهي، پوءِ ساري دنيا لاءِ اهو گهر بڻايو ويو ته هتي اچن، رهن ۽ روزگار ڪن، ان کي مذهب ۽ حب الوطني جو حصو بڻايو ويو، دهشتگردي جي عروج واري دور ۾ هر رستن، گهٽين ۽ گذرگاهن تي قبضا ٿيا، سمنڊ ڏانهن ويندڙ رستن تي ارب پتين جون چمڪندڙ سوسائٽيون ٺهيون، قصو مختصر ته توهان پاڻي جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا ۽ هاڻي برسات ۾ پاڻي توهان جا سڀ رستا بند ڪري ٿو ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.