حيدرآباد (پ ر) برسات سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جي خاندانن سان ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي تعليمي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ماروي سنڌو ۽ نور نبي پليجي چيو آهي ته سنڌ کي برسات نه پر سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن تباهه ڪيو آهي. هر سال مٿين سطح کان وٺي يونين ڪائونسل سطح جي بلدياتي ادارن ۾ نقشا پاس ٿين ٿا، ڪروڙين روپين جون بجيٽون رکيون وڃن ٿيون ان جي باوجود برسات سبب شهر ٻڏيو وڃن ٿا، ماڻهن جون زندگيون داء تي لڳي وڃن ٿيون. ماڻهن کي پنهنجي پيارن معصوم ٻارڙن جا لاش کڻڻا پون ٿا. بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ ڪو به انصاف ناهي. هڪ رٿابنديءَ سان ڪورٽون جيالن جي حوالي آهن. ڪو به جج ماڻهن جون زندگيون بچائڻ لاءِ انتظامي نااهليءَ ۽ ڪرپشن جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.