برسات پوندي ته پاڻي به گڏ ٿيندو،مڪاني نمائندا ڪٿي هئا؟وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تازيون برساتون مقامي نه پر عالمي موسمياتي تبديليءَ جو تسلسل آهن جن جا اثر دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۽ خاص طور ڪراچيءَ تي به نمايان ٿي رهيا آهن۔ هن چيو ته غير معمولي برساتن باوجود انتظاميه فوري طور پاڻي جي نيڪالِ کي يقيني بڻايو ۽ شهر رات دير تائين صاف ڪيو ويو۔ مراد علي شاهه واضح ڪيو ته حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي، پر شهرين، نجي ادارن ۽ ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن عوام کي برسات دوران وڌيڪ تڪليفن کي منهن نه ڏيڻو پوي۔ ڪراچيءَ ۾ جاري برسات دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني سان گڏ شهر جو هنگامي دورو ڪيو۔ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته تازو خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ وڏو سانحو پيش آيو جتي 400 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون۔ وڏي وزير ياد ڏياريو ته گذريل مهينن ۾ چين، نيويارڪ، هيؤسٽن ۽ ٻين ملڪن ۾ به غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏن سبب ماڻهن کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو۔ هن چيو ته پاڪستان به هن تبديليءَ کان محفوظ ناهي، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ تازين برساتن نتيجي ۾ وڏو نقصان ٿيو، پورو لاهور ٻڏي ويو،هن  چيو ته ڪراچيءَ ۾ ڪالهه شديد برسات رڪارڊ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف علائقن ۾ اربن فلڊنگ جي صورتحال پيدا ٿي۔ ممبئي جي سراسري برسات ڪراچيءَ کان لڳ ڀڳ ڏهه ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ هن وقت ممبئي به مينهن سبب ٻڏل آهي،هن چيو ته  ڪراچيءَ ۾ شديد برسات باوجود شهر مان پاڻيءَ جي نيڪالي رات دير تائين مڪمل ٿي وئي۔ هن چيو ته ميڊيا ۽ عوام طرفان چيو ويو ته انتظاميه تيار نه هئي، پر مون پاڻ رات ٻارهين کان ساڍا ٻارهين تائين شهر جا مختلف علائقا گهميا ۽ ڏٺم ته اهي روڊ، جتي برسات کان پوءِ فوري طور پاڻي بيٺو هو، صبح تائين صاف ٿي ويا هئا۔جيڪڏهن انتظاميه موجود نه هجي ها ته پاڻي ڪيترن ڏينهن تائين بيٺل رهي ها، پر چار پنج ڪلاڪن ۾ روڊ صاف ٿي ويا،وڏي وزير چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ميڊيا تي پراڻا منظر ڏيکاري اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته شهر اڃا ٻڏل آهي۔ هن چيو ته مونکي حيرت آهي ته ڪي چينل ڪالهه جو منظر اڄ ڏيکارين ٿا۔ اهو ئي سبب آهي جو عوام کي گمراهه ڪندڙ تاثر ملي ٿو۔ هن چيو ته ميڊيا گهڻو ڪري ان وقت برسات جا منظر ڏيکارڻ ۾ مصروف رهيو ته ڪٿي پاڻي بيٺو آهي، گاڏيون ٻڏي رهيون آهن۔ اهو به ميڊيا جو ڪم آهي پر ساڳئي وقت عوام کي رهنمائي ڪرڻ به ميڊيا جي ذميواري آهي ته هو احتياط ڪن ۽ غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرن۔ هن چيو ته حڪومت پنهنجي ذميواري نڀائي رهي آهي پر شهرين ۽ ميڊيا ٻنهي کي ذميواريءَ جو ثبوت ڏيڻو پوندو، هن چيو ته ڪجهه کوٽايون ضرور ٿيون، پر اهو چوڻ ته حڪومت ڪجهه نه ڪيو، سراسر ناانصافي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن خانگي ادارا ۽ شهري به پنهنجون ذميواريون نڀائن ها ته مسئلا گهٽ ٿين ها. هن چيو ته حڪومت اڳواٽ ئي اسڪول بند ڪيا هئا ۽ عام موڪل جو اعلان ڪيو هو، پر ڪيترن ئي خانگي آفيسن هدايتن تي عمل نه ڪيو. جڏهن برسات شروع ٿي ته هزارين گاڏيون روڊن تي اچي ويون ۽ ٽريفڪ جام ٿي ويو. وڏي وزير چيو ته ميڊيا کي به ذميواري نڀائڻي گهرجي هئي ته هو عوام کي آگاه ڪري ته غيرضروري طور ٻاهر نه نڪرندا. جيڪڏهن ماڻهو ٿوري دير لاءِ آفيسن ۾ ويهي رهن ها ته اهي منظر سامهون نه اچن ها جتي هزارين گاڏيون ڦاٿل هيون. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته شهر جي نظام کي اثرائتي حڪمت عملي ۽ بااختيار ادارن جي ذريعي هلائڻو پوندو. مان روڊن تي ويهي سڌي ريت سڀ مسئلا حل نٿو ڪري سگهان، هن چيو ته سنڌ حڪومت شفاف نموني سان فنڊ استعمال ڪري رهي آهي ۽ شهرين کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن سان گڏجي قدم کنيا پيا وڃن۔هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ مختلف جماعتن جا چيئرمين ۽ ٽائون ايڊمنسٽريشن موجود آهن، جن ۾ جماعت اسلامي جا 13 ٽائون چيئرمين به شامل آهن۔ پر افسوس آهي ته اهي ئي ماڻهو حڪومت تي الزام لڳائي رهيا آهن ته ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته مان ڪنهن تي تنقيد نه ٿو ڪرڻ چاهيان، پر اها گذارش ضرور ڪندس ته هر ڪو پنهنجو پنهنجو فرض پورو ڪري۔ ميڊيا تي بيان ڏيڻ آسان آهي پر اصل امتحان ميدان ۾ آهيٰ ،هن چيو ته شهرين کي رليف ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي پر مڪاني سطح تي نمائندن ۽ ادارن کي به متحرڪ ٿيڻ ضروري آهي۔هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته برسات دوران سنڌ حڪومت جا وزير سعيد غني، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهه سميت ٻيا ذميوار روڊن  تي موجود هئا ۽ صورتحال جي نگراني ڪري رهيا هئا۔ پر سوال اهو آهي ته ايتري وڏي تعداد ۾ بلدياتي نمائندا ۽ عملو ڪٿي هو؟ اها به سندن ذميواري آهي ته هو عوام ۾ موجود هجن۔ وڏي وزير چيو ته مان هميشه مثبت سوچ سان مسئلا حل ڪرڻ جو قائل آهيان، پر اها حقيقت آهي ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ برسات جا اثر مڪمل طور ختم ڪرڻ فوري ممڪن ناهي.هن چيو ته ڪراچي ۾ برساتي نظام بين الاقوامي معيار مطابق ڊزائن ڪيل آهي۔ عام طور تي آگسٽ ۾ اوسط برسات 2 کان 3 ملي ميٽر ٿيندي آهي، جڏهن ته 30 ملي ميٽر وڏي برسات سمجهي ويندي آهي۔ پر جڏهن 100 ملي ميٽر في ڪلاڪ برسات پوي ته ڪو به شهر ان کي فوري سنڀالي نٿو سگهي۔ اهڙو نظام ٺاهڻ لاءِ سڄو شهر ٻيهر کوٽڻو پوندو، جنهن لاءِ اربين ڊالر ۽ ڪيترائي سال گهربل آهن۔ هن  چيو ته ڪراچي ۾ روڊ ڪٽڻ جي معاملي تي مختلف ادارن جي پنهنجي پنهنجي اجازت ڏيڻ واري پاليسي شهرين کي ڏکيائي ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ هن سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته اهاو ئي بنيادي سبب آهي جنهن جي ڪري شهر جا روڊ بار بار کنڊر جو منظر پيش ڪن ٿا۔ وڏي وزير چيو ته هينئر صورتحال اها آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ، ڪي ڊي اي، ڪائونسلز يا ڪي ايم سي سڀ پنهنجي پنهنجي اجازت جاري ڪن ٿا ۽ ان جو ڪو به مربوط نظام ناهي۔ اسان اڳ به اهو مسئلو اٿاريو هو ۽ اڄ وري پنهنجي ناراضگي ظاهر ڪئي آهي ته جيڪڏهن هر ادارو پنهنجي مرضي سان اجازت ڏيندو رهندو ته شهر جي انفراسٽرڪچر کي نقصان ٿيندو۔ هن تجويز ڏني ته هڪ مرڪزي اٿارٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا روڊ ڪٽڻ جي اجازت ڏيڻ جا سڀ معاملا گڏ ڪري ۽ ان تي باقاعدي نگراني رکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.