شاهه چارلس پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تباهين تي افسوس ظاهر

لنڊن(م ڊ) پاڪستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي تي برطانيه جي بادشاهه چارلس سوم افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ بادشاهه چارلس چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ امدادي هيليڪاپٽر جي حادثي تي ڏک ۾ آهيون۔ اسان انهن سان همدردي ڪيون ٿا، جن پنهنجا پيارا، گهر ۽ روزگار وڃائي ويٺا آهن.بادشاهه چارلس چيو ته برطانيه ۾ اهڙا گهڻا خاندان آهن، جيڪي پاڪستان سان ويجها لاڳاپا رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان هن مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺا آهيون، ۽ امدادي سرگرمين لاءِ رضاڪارن ۽ مقامي برادرين جي همت ۽ عزم جي ساراهه ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.