ڪراچي(ع آ نيوز) ڪراچي ۾ برسات تباهين تي سياسي، سماجي ۽ فني شخصيتن ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سماجي ڪارڪن ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر شهر جي قدرتي جغرافيائي جوڙجڪ ۽ حڪومتي غفلت کي ذميوار قرار ڏيندي لکيو ته اسان جي ڪراچي ٻڏي رهي آهي، برساتون پئجي رهيون آهن، پر شهر جي ڍانچي کي بهتر ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش نه ٿي رهي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر موجب ٺيڪيدار رڳو ڪم ڪري پئسا ڪمائن ٿا ۽ هليا وڃن ٿا. ناليواري صحافي حامد مير ٻڌايو ته ڪراچي برسات ۾ نه پر انساني غلطين جي سمنڊ ۾ ٻڏي وئي آهي. گلوڪار شجاع حيدر ڪراچي ۾ حڪمراني ۽ احتساب جي کوٽ تي ڳالهائيندي لکيو ته ڪراچي کي انصاف جي سخت ضرورت آهي۔ سوال اهو آهي ته ڇا چونڊون واقعي هن شهر ۾ ڪا تبديلي آڻي سگهن ٿيون؟ اهو شهر جيڪو ڪڏهن روشنيءَ جو شهر هو، اڄ سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ وانگر لڳي ٿو. اداڪارا ماورا حسين افسوس جو اظهار ڪندي لکيو اهو شهر جيڪو لکين ماڻهن جو گهر آهي، لکين لاءِ روزگار جو ذريعو آهي، لکين خوابن جو سهارو آهي، اهو ٻڏي رهيو آهي ۽ هي پهريون دفعو ناهي. ريپر طلحہ انجم طنزيه انداز ۾ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي لکيو ته ڪراچي وارا، گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي! اجرڪ نمبر پليٽ توهان جي گاڏي يا موٽر سائيڪل کي ٻڏڻ نه ڏيندي. اداڪارا مريم نفيس عوام جي حوصلي کي ساراهيندي لکيو ته هر طرف ڏکائيندڙ منظر آهن، پر مان پاڪستانين تي فخر محسوس ڪريان ٿي .ڪن ماڻهن پنهنجا گهر کوليا، ڪن ڪاروباري ماڻهن پناهه ڏني، ۽ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن هڪ ٻئي سان کاڌو ونڊيو. اداڪارا صنم سعيد حڪومت کان سڌا سوال ڪيا، جڏهن ته ايمن خان پڻ پڇيو ته اسان جي حڪومت آخر ڪري ڇا رهي آهي؟ ميزبان ڊينو علي ڪراچي کي مخاطب ڪندي لکيو ته2025 ۾ به اڄ جي هڪ صبح جي برسات توکي مفلوج ڪري ڇڏيندي آهي.جيستائين حڪومت شهري ٻوڏ کي حڪمراني جي ناڪامي طور تسليم نه ڪندي، ڪراچي اهڙي طرح ٻڏندو رهندو – ۽ ان جا ماڻهو ان جي قيمت ڀريندا رهندا۔ سماجي ڪارڪن عمار علي جان هن صورتحال تي لکي ٿو ته ڪراچي جا منظر ۽ خبرون دل ڏاري ڇڏيندڙ آهن۔ اهو شهر، جيڪو ڪيترن ئي ملڪن کان وڏو آهي، ان کي وساري ڇڏيو ويو آهي، نه مدد آهي، نه ساٿ، ۽ نه ئي ڪو احتساب ڪندڙ موجود آهي۔ هي صورتحال رڳو ڪراچي وارن لاءِ ناهي، پر پوري ملڪ جي شهرين لاءِ ڳڻتي جوڳي هجڻ کپي. گلوڪار ۽ اداڪار فرحان سعيد لکي ٿوته ڪراچي جي صورتحال تي منهنجي دل ٽٽي پئي آهي۔ بهرحال، توهان سڀ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي ئي حالت ۾ زنده رهندؤ، ۽ توهان کي اهڙي ئي حالت ۾ رکيو ويندو۔ جيڪڏهن توهان لاهور سان مقابلو ڪريو، ته واضح فرق محسوس ٿيندو. فرحان سعيد وڌيڪ لکي ٿو ته منهنجي دل جي خواهش آهي ته مان ڪراچي کي اڳتي وڌندي ڏسان، جتي جا ماڻهو دلير، همت وارا ۽ پيارا آهن، ۽ جيڪي واقعي ئي محفوظ رهڻ جا حقدار آهن.