ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سانوڻي برسات جي دوران لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن برساتن کي نظر ۾ رکندي ريسڪيو ۽ انتظاميه کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير ڪراچي جي ميئر کي هدايت ڪئي ته برسات جي پاڻي جي فوري نيڪال لاءِ مشينري ۽ عملو متحرڪ رکيو وڃي. تيز برسات دوران عوام غير ضروري سفر کان پاسو ڪري. ياد رهي ته موسميات کاتي شهر ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران تيز طوفاني برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.