ارمغان کي ذهني مريض ثابت ڪرڻ واري درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي خلاف خاص عدالت (اي ٽي سي) ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان کي ذهني مريض ثابت ڪرڻ لاءِ جوابدار جي والده جي نفسياتي معائني واري درخواست رد ڪري ڇڏي  وئي، خاص عدالت ۾ جوابدار ارمغان جي والده طرفان درخواست داخل ڪئي وئي هئي،

جنهن ۾ ارمغان جو نفسياتي معائنو ڪرائڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل جوابدار جي نفسياتي علاج جي مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پوليس سان مقابلو ڪيو هو، سندس فائرنگ ۾ ڊي ايس پي ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿيا، ريمانڊ دوران ڪيترائي ڀيرا ميڊيڪل معائنو ٿي چڪو آهي، ميڊيڪل رڪارڊ موجب جوابدار کي ڪنهن به قسم جي ذهني بيماري ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.