هڪ اهڙي دور ۾ جتي پاڻي جي کوٽ، موسمي تبديلي، ۽ بنيادي ڍانچي جي ناڪامي جهڙا مسئلا عالمي سطح تي سرخين ۾ رهن ٿا، پاڻي جي وسيلن تي ڌيان ڏيندڙ فني(ٽيڪنيڪل) صحافت هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. سنڌ جي صحافت پاڻي تي ڏھاڪن کان تمام شاندار ۽ بي مثال ڪردار ادا ڪيو آھي۔ علم، جستجو، مشاھدن ۽ صحافت جي اعلي قدرن کي تمام ڏکين ترين مالي ۽ سماجي حالتن ۾ قائم رکيو۔
پاڻي جي فني صحافت جو شعبو پاڻي جي اڏاوتن جهڙوڪ ڊيم، بئراج، بند، واھ، ڊرينون، ان کان سواءِ آبپاشي جي نظام، ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ جي قدمن ۽ پاڻي جي انتظام سان لاڳاپيل ٻين عوامي منصوبن، ادارن، پاليسين تي رپورٽنگ ڪري ٿو. ان جو مقصد پيچيده انجنيئرنگ جي تصورن ۽ عوام جي سمجھه جي وچ ۾ هڪ پل ٺاهڻ آهي، جنهن ۾ اڪثر ماحولياتي، پاليسي، ۽ سماجي اثرن کي نروار ڪيو ويندو آهي. هن شعبي جا صحافي پيچيده موضوعن کي سادي ۽ سمجھڻ جهڙي ٻولي ۾ بيان ڪن ٿا، ۽ حقيقي دنيا جي چيلنجن جهڙوڪ ٻوڏ ۽ وسيلن جي اڻ برابري کي نروار ڪن ٿا۔ سنڌ جي فني صحافت جا شاندار مثال ڪالاباغ ڊيم جي تحرڪ کانوٺي ھاڻوڪي ڪئنالن جي جدوجھد، سکر بيراج جي ڪريل گيٽ کان بيراج جي ڪمن ۾ خامين تائين نظر اچن ٿا- پاڻي جي وسيلن ۾ مهارت رکندڙ صحافي هڪ گهڻ-رخو ڪردار ادا ڪن ٿا:
گهري تحقيق ۽ ڊيٽا جو تجزيو- انجنيئرنگ رپورٽن، سائنسي مطالعي، يا حڪومتي دستاويزن مان فني معلومات گڏ ڪرڻ ۽ ان جي تشريح ڪرڻ. هن ۾ بئراجن جي آپريشن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، ماحولياتي اثرن جو جائزو وٺڻ يا پاڻي واري اڏاوتن جي سنڀال شامل ٿي سگهي ٿو.انٽرويو ۽ سائيٽ تي رپورٽنگ- ماهرن، جن ۾ انجنيئرز، پاليسي ساز، ۽ مقامي ماڻھو شامل آهن،انھن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، درياھن جي پيٽ ۽ پراڻن وھڪرن تي قبضا، ڊيلٽا جي بحالي يا ھلندڙ ڪمن جي حالتن جي بنياد تي فيلڊ ورڪ ۽ رپورٽنگ ڪرڻ جھڙا مثال پڻ شامل آھن. ان ۾ سنڌ جي ۽ پاڪستاني صحافين جاکوڙ سان اھم فيچر لکيا آھن۔
پيچيده تصورن کي آسان بڻائڻ اهڙا مضمون، رپورٽون تيار ڪرڻ جيڪي فني تفصيلن جهڙوڪ آبپاشي جي اڏاوتي چئلينجنکي عام ماڻهن لاءِ سمجھڻ ۾ آسان بڻائين، ۽ ان سان گڏ زميني حقيقتن جي صداقت کي برقرار رکڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿين.
عوام کي موضوع تي ڄاڻ ڏيڻ ۽ ڪيس پيش ڪرڻ ۾ مدد- پاڻي جي کوٽ يا ٻوڏ جي خطرن جهڙن مسئلن بابت ثبوت جي بنياد تي بيانن ذريعي پڙهندڙن کي ڄاڻ ڏين ٿا ۽ انهن کي بااختيار بڻائين ٿا؛ ڪالاباغ خلاف رپورٽنگ ۽ ڪئنالن خلاف تحرڪ ان جا مثال آھن.عالمي معيارن کي ڏسنداسين ته هن شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ، پيشه ور ماڻهن کي قابليت ۽ صلاحيتن جي هڪ مضبوط مجموعي جي ضرورت هوندي آهي.
تاريخي طور تي صحافت، ادب، فن، سياسي ۽ حقن جي جدوجھد برصغير ۾ صحافين سان سلھاڙيل رھيا آھن۔ اھي گڻ سنڌ جي صحافت ۾ پوين پنجن ڇھن ڏھاڪن ۾ نظر اچن ٿا۔ نئين ميڊيائي يلغار ان کي گھڻو تڻو تبديل ڪري ڇڏيو آھي۔ سيٺ جي مرضي سان نوڪري، گھٽ پگھارون ۽ بنا صحت ۽ ٻين مددگاري گھاڙيٽن جي سنڌ جي فني صحافت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آھي۔ پر ڪجهه بنيادي گھرجون عرض ڪجن ٿيون:
تعليمي بنياد: صحافت، ابلاغيات، ماحولياتي سائنس، سول انجنيئرنگ، موسمي سائنس، جاگرافي يا ان سان ملندڙ جلندڙ شعبي ۾ بيچلر جي ڊگري ضروري آهي. هائيڊرولوجي يا پاڻي جي انجنيئرنگ ۾ خاص ڄاڻ اضافي فائدو ڏيندڙ آھن .
بنيادي صلاحيتون: تحقيق، تجزيو، ۽ تحرير ۾ مهارت؛ ڊيٽا وزيولائيزيشن جهڙن اوزارن کان واقفيت؛ انجنيئرنگ دستاويزن کي سمجھڻ جي صلاحيت؛ ۽ مثال طور تي، ھڪ کان وڌيڪ ٻولين جي ڄاڻ! ان لاءِ انگريزي جو اچڻ ڇوجو سرڪاري دستاويزن ۽ سائنس جي ٻولي انگريزي ئي آھي۔پيشه ورانه تجربو: صحافت يا فني تحرير ۾ عام طور تي 2-5 سالن جو تجربو، سيڪشن/ بيٽ تي ڪم سينئرز سان گڏ ڪيو يا سکيو ھجي.
گڏجي ڪم ڪرڻ جون صلاحيتون:مسئلن کي سمجھڻ جي سگهھ، اخلاقي فيصلو ڪرڻ، ۽ ٽيم ورڪ، خاص طور تي جڏهن مختلف شعبن جي ماهرن سان گڏ ڪنھن فيچر تي ڪم ڪيو وڃي.
پاڻي جي صحافت ۽ ماهرن جي تحريرن ۾ فرق
جيتوڻيڪ پاڻي جا صحافي ۽ پاڻي جا ماهر ٻئي هڪجهڙن موضوعن تي لکن ٿا، پر انهن جي نقطه نظر ۽ مقصد ۾ هڪ باريڪ پر اهم فرق آهي. پاڻي جا صحافي بنيادي طور تي ابلاغ ڪندڙ هوندا آهن. انهن جو مقصد پاڻي سان لاڳاپيل مسئلن تي هڪ وڏي، غير ٽيڪنيڪل ٻڌندڙن، پڙھندڙن ۽ ڏسندڙن لاءِ رپورٽ ڪرڻ هوندو آهي. اهي ڪنهن منصوبي يا پاليسي جي انساني ۽ ماحولياتي اثرن کي اجاگر ڪندا آهن. اهي هڪ پل جو ڪم ڪندا آهن، جيڪي ماهرن کان حاصل ڪيل پيچيده معلومات کي هڪ سمجھڻ جهڙي داستان ۾ ترجمو ڪندا آهن. سائيٽ تي رپورٽنگ، انجنيئرز کان وٺي متاثر ٿيل برادرين تائين جا انٽرويو، ۽ عوامي دلچسپي تي زور ڏيڻ شامل هوندو آهي. اهي صحافتي اخلاقيات جا پابند هوندا آهن، جهڙوڪ غيرجانبداري، انصاف، ۽ طاقت جو احتساب ڪرڻ.
ٻئي طرف، پاڻي جا ماهر (جهڙوڪ انجنيئرز، هائيڊرولوجسٽ، يا پاليسي تجزيه نگار) هڪ فني، علمي، يا پيشه ورانه نقطه نظر کان لکن ٿا. انهن جا بنيادي پڙھڻ وارا اڪثر ٻيا ماهر، پاليسي ساز، يا شاگرد هوندا آهن. انهن جو مقصد تحقيقي نتيجن کي شيئر ڪرڻ، فني تجزيا پيش ڪرڻ، يا ڊيٽا جي بنياد تي مخصوص حل جي وڪالت ڪرڻ هوندو آهي. انهن جون تحريرون جيڪي علمي مقالا، فني رپورٽون، يا پيشه ور بلاگز جي شڪل ۾ ٿي سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ انهن جو ڪم صحافيءَ جي رپورٽنگ لاءِ هڪ بنيادي حيثيت رکي ٿو، پر انهن جو مقصد سڌو عوام کي آگاهه ڪرڻ نه هوندو آهي، بلڪه انهن جي مخصوص شعبي ۾ علم کي اڳتي وڌائڻ هوندو آهي. ڪن حالتن ۾ اھي ماھر عام فھم ٻولي ۾ عام ماڻھن کي سمجھائڻ جي انداز ۾ لکندا يا ڳالھائيندا آھن جيئن ڊاڪٽر حسن عباس، نصير ميمڻ، الله اڀايو خشڪ يا ناصر پنھورلکن ٿا۔ مختصر لفظن ۾ ، هڪ پاڻي جي ماهر جي تحرير “ماخذ مواد” هوندو آهي، جڏهن ته هڪ پاڻي جي صحافيءَ جو ڪم اها “ترتيب” آهي جيڪا ان ماخذ مواد کي سمجھڻ جهڙو ۽ عوام لاءِ لاڳاپيل بڻائي ٿي.
اخلاقي معيار ۽ تحقيقي صحافت
صداقت: حقيقتن جي گهري جاچ ۽ قابل اعتماد ذريعن تي انحصار اڻ ٽر آهي. ان جو مطلب آهي عوامي اعتماد ۽ حفاظت کي برقرار رکڻ لاءِ انجنيئرنگ ڊيٽا ۽ ٻوڏ جي ماڊلز جي تصديق ڪرڻ. انصاف ۽ شموليت: رپورٽرز کي مختلف نقطه نظر جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي حڪومتن ۽ ڪارپوريشنن کان وٺي مقامي برادرين تائين ۽ ڪنهن به تعصب کي شفاف طريقي سان تسليم ڪرڻ گهرجي. فني پاڻي جي رپورٽنگ اڪثر تحقيقي صحافت سان لاڳاپيل هوندي آهي، جيڪا گهري نقصن کي بي نقاب ڪري ٿي ۽ جوابدهي جو مطالبو ڪري ٿي. جڏهن ته فني ڪوريج "ڇا” (جهڙوڪ بئراج جو ڊيزائن) جي وضاحت ڪري ٿي، تحقيقي ڪم "ڇو” (جهڙوڪ بدعنواني جيڪا ان جي خراب تعمير جو سبب بڻي) کي بي نقاب ڪري ٿو.
پاڪستان ۾ فني پاڻي جي صحافت: انگريزي ۽ مقامي ٻوليون
پاڪستان جهڙن ملڪن ۾، صحافين کي اڪثر انهن جي ادارن (بنيادي طور تي اخبارون ۽ نيوز چينلز) طرفان محدود پگهار، گھٽ وسيلا ۽ تحقيقي يا تجزياتي ڪمن لاءِ ڪا ورلي مدد ڪئي ويندي آهي. اھڙي صورتحال جي ڪري، رپورٽنگ اڪثر ٽيڪنيڪل ۽ ڊيٽا تي مشتمل هجڻ بدران عوامي جذبن ۽ تاثرن تي ٻڌل هوندي آهي، جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن مسئلن جي گهرائي ۾ وڃڻ بدران سنسني خيزي کي فروغ ملي ٿو. اهڙي قسم جي صحافت فوري ردعمل ته پيدا ڪري ٿي، پر اها ڊگهي عرصي وارا حل يا گهري عوامي شعور پيدا ڪرڻ ۾ گهٽ ڪامياب رهندي آهي۔ ريٽنگ جا نوان لاڙا ۽ گُرَ پڻ ان تي اثر انداز ٿين ٿا۔ ڪڏھن ته اصل مسئلا ئي دزاٽجي ويندا آھن۔ سنڌ جي صحافين ايتري گھڻي ھيٺ مٿاھين جي باوجود پاڻي جي حقن، نابرابري ۽ ڊيلٽا لاءِ جاڳرتا جو اھم ڪم ڪيو آھي۔
انگريزي ٻولي ۾ اخبارون خاص ڪري ڊان ان ڏس ۾ نڀايو آھي ۔ ٿرڊ پول ۽ ان کانسواءِ ڊجيٽل عالمي ۽ ملڪي انگريزي ابلاغ جي ذريعن اھم فني فيچر پڙھندڙن آڏو آندا آھن۔ انگريزي لکڻ ۾ پڻ سنڌ جي فني ۽ ماحولياتي صحافين نڀايو آھي۔
اردو ميڊيا ڊيمن جي تڪرارن، يا سنڌ جي پاڻي جي مسئلن تي فني ۽ تحقيقي عنصرن کي پنهنجي رپورٽنگ ۾ مختصرً شامل ڪن ٿا. پر عالمي ادارا تحقيقي فيچر ضرور ڪن ٿا. اردو ميڊيا موسمي مسئلن کي مختلف انداز ۾ پيش ڪندو آهي، جنهن ۾ ڪجهه ادارا جاگرافيائي سياست تي زور ڏيندا آهن. صوبن ۾ موسمي تبديلي، ماحولياتي گدلاڻ، ٻوڏون يا ان سان لاڳاپيل مسئلن کي ملڪي ميڊيا ۽ اخبارون ان نموني نٿيون کڻن۔ سندن ترجيح ھاڻ حڪمرانن سان ھم آھنگي رھي آھي۔
ڪي پي/ بنير ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ انتھائي خطرناڪ ٻوڏن ۽ تباھي ان ڳالهه جي اھميت کي تمام گھڻو اجاگر ڪيو آھي ته ٽيڪنيڪل صحافت لاءِ تربيت، اجورا، ڄاڻ، ماحول ۽ ادارتي ذميدارين کي وڌائي عوام آڏو حقيقتون آڻجن ۽ سماج ۾ ريزيلينس/لچڪ پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت جي پاليسين ۽ عملن کي ان ڏانھن موڙي سگھجي۔ تمام ڏکين حالتن ۾ صحافت جو مجموعي ڪردار شاندار رھيو آھي۔ ان شعبي جي ٽيڪنيڪل ۽ وسيلن جي ساھتا مالڪن، حڪوت ۽ لاڳاپيل ادارن تي فرض آھي۔ پاڻي جي وسيلن تي فني صحافت پاليسي سازي، غريب پاڪستان جي تحفظ، ۽ پائيداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اڻٽر آهي.