ھاري اڳواڻ ڪامريڊ مانڌل شر ڏھرڪي لڳ سنڌ ھند جي بارڊر تي موجود ڳوٺ کروھي ۾ سن 1940ع ۾ جنم ورتو ـ ھن جو خاندان وڏي پير سائين پاڳاري جو خاص مريد ھو ـ ان ڪري ھو شروع ۾ حر فورس ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ھن ڀارت خلاف 1965ع جي جنگ ۾ حصو ورتو ـ سندس ذھن جلد کاٻي ڌر طرف ٿيو ـ ھو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ھاري جدوجھد کان متاثر ٿيو ـ ھو 1970 کان مشرف دور تائين ست ڀيرا جيل ويو ـ ھن پنھنجي تر ۾ ماڙي گيس فيلڊ ۽ اينگرو ڪيميڪلز ڏھرڪي جھڙين ملٽي نيشنل ڪمپينين طرفان ٿيندڙ زيادتين خلاف سخت ترين احتجاج ڪيا جنھن جي نتيجي ۾ سندس تر جي نوجوانن کي روزگار صحت تعليم سميت ٻيون سھولتون انھن ڪمپنين فراھم ڪيون ـ ھن گريٽر ٿل ڪئنال رٿا خلاف پڻ زوردار احتجاج ڪيا ـ ڪالا باغ ڊيم خلاف شروع ڪيل احتجاجن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ـ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتاري ڏني ـ هن ڪامريڊ غلام رسول سھتو، شبير بيدار ڀٽو، اختيار ڀٽو، فيض سومرو، مھيش ڪمار، سھيل سانگي، تاج مري ۽ ھاري اڳواڻ مولوي رشيد انڍڙ جن سان پني عاقل فوجي ڇانوڻي جي اڏاوت خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ ۾ حصو ورتو ـ ڪامريڊ شبير شر، ڪامريڊ غلام حسين شر، ستار گھوٽي ، علي مراد گھوٽي روئوف پارس دايو، رياض شاھد دايو، اياز لطيف دايو، زبير دايو ۽ الله بچايو مرڻاس سان پڻ دوستي ھيس ـ جڏھن ته سکر ۾ ضيا ڀٽي ۽ ارشد سيٺي سان پڻ گھرو واسطو ھيس. روھڙي ۾ چاچا مولا بخش خاصخيلي ، غلام مصطفي جماڻي ، ڪامريڊ اسرار ٻين مزدور اڳواڻن سان پڻ خاص واسطو رھيس ـ ملڪ جي مشھور سياستدان غوث بخش بزنجو، فاضل راھو، ولي خان، اسفندر يار ولي، افرا سياب خٽڪ ڄام ساقي ۽ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن سان گڏ ڪم ڪيو ـ ڳچي ڳانا لوهه جا جيڪا ڪامريڊ مانڌل شر جي جيل ڊائري آهي.اها هڪ اهڙي بھادر ۽ بردبار شخصيت جي مڪمل اتساهه ڏيندڙ اسٽوري آهي.
اتر سنڌ ۾ ڏهرڪي جي هڪ ڳوٺ کروھي سان واسطو رکندڙ سندس خاندان نسلن کان رڍن پالڻ چارڻ جو ڪم ڪندو هو. اتان جي زمين زرخيز نه هئي، پاڻي نه هو اهڙي ريت ڪابه پوک ممڪن نه هئي. تعليم جو حصول انهن جي لاءِ بيڪار ۽ وقت جو ضيان هو. رڍون چارڻ ئي روزگار جو اهم وسيلو هوندو هو ـ سندس ڳوٺ جا جوان رڍن سان صبح سوير نڪري ويندا هئا شام سج لٿي واپس ٿيندا هئا ڪڏهن ڪڏهن ته اھي مال سان گڏ پنجاب تائين به هليا ويندا هئا. هڪ ڏينهن ويجھي اسڪول جو ماستر سندن ڳوٺ آيو ڳوٺاڻن کي پنهنجن ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جي تلقين ڪئي ـ جنھن تي ڪو به ڳوٺاڻو راضي نه ٿيو پر مانڌل گھٽ عمر هئڻ باوجود پڙهڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو ـ اسڪول ڳوٺ کان ڇهه ميل پري هو. هن اتان پنج درجا پاس ڪيا پوءِ ٻه درجا ٻي اسڪول مان ڪيا جيڪو اڃا ٻه ميل پرتي هو. هو پنڌ ئي اسڪول ايندو ويندو هو. پوءِ هن فائنل ڪري انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ ٿي چاهي. پر سندس پيءُ سندس خرچ بند ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ايتري تعليم حاصل ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. اسان غريبن کي ڪو نوڪري وٺي نه ڏيندو ٻي ڳالهه ته مون وٽ رڍن چارڻ لاءِ به ڪو ماڻهو ناهي ـ پير پاڳاري وارا سندس خاندان جا مرشد هئا غريب شاگردن جي وظيفي وغيره سان مدد به ڪندا هئا. هن گھر ڇڏي پير جو ڳوٺ پهچي انهن کان وظيفو وٺي پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ پوءِ هن سانگھڙ جي جوڻيجا زميندارن وٽ پهرين ڪراچي پوءِ سانگھڙ ۾ نوڪري ڪئي ان دوران 1965ع جي جنگ ۾ حر مجاهد جي طور به خدمتون انجام ڏنائين. جوڻيجا زميندارن وٽ رهندي کيس زرعي سڌارن کي ويجھڙائي سان ڏسڻ جو موقعو مليو هن ڏٺو ته اهي سڌارا ته رڳو نالي ۾ هئا. رڳو کاتا تبديل ٿيا جڏهن ته زمين زميندار جي ملڪيت ئي رهي. هو انھن بابت روزاني اخبار ۾ باقاعدگي سان لکڻ لڳو. انهن لکڻين جي ڪري هاري ڪاميٽي جي عبدالقادر انڍڙ ساڻس رابطو ڪيو. سياسي طرح هڪ سجاڳ ذهن هئڻ ڪري هن سانگھڙ ۾ ون يونٽ خلاف جلوس ۾ شرڪت ڪئي، گرفتار ٿي ٿاڻي پهچي ٿو پوليس جي مار کائي ٿو. اها سندس پهرين گرفتاري ڄڻ سياسي ميدان ۾ سندس شروعات هئي. انھي وقت گڊو بيراج جي زمينن جو نيلام شروع ٿي ويو گھڻيون زمينون وڏن زميندارن پنجابي آباد ڪارن کي الاٽ ڪيون وڃن پيون . ھن سوچيو ته ڇو نه هاري ڪاميٽي پاران ان جي مزاحمت ڪئي وڃي ۽ انھي لاءِ تحريڪ ھلائڻ لاءِ هو اتي پهچي ويو ـ ان تحريڪ ۾ شموليت دوران مختلف ضلعي وڏن ڪامورن سان ٽڪراءُ پڻ ٿيس ۽ سندس گرفتاري بک هڙتال وغيره جي ڪري ڄڻ سندس هاري تحريڪ سان هڪ مستقل تعلق جڙي وڃي ٿو. ٿوري وقت کانپوءِ سڪرنڊ ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ۾ سندس ملاقات اعزاز نذير، محمود الحق عثماني ۽ غلام محمد لغاري سان ٿي. هو اعزاز نذير سان خاص طور گھڻو ويجھو رهيو. مانڌل شر کي ڄام ساقيءَ پاران هاري ڪاميٽي جو آرگنائزر مقرر ڪيو ويو. انھي دوران ايف آءِ اي پاران کيس گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا لاءِ پهرين مقامي مرڪز پوءِ ڪوئيٽا جي قلي ڪئمپ ۾ منتقل ڪيو ويو. اتي کيس نذير عباسي نظر اچي ٿو کيس گارڊ کان خبر پئي ته ڪجهه ٻيا پارٽي جا ڪارڪن به هتي ڪجهه وقت گذاري چڪا هئا. نذير سان کيس ڳالهائڻ جي اجازت ته نه ھئي پر اهي ٻئي هڪ ٻئي کي سڃاڻن پيا. نذير ساڻس راڳ وسيلي ڳالهائيندو هو، جيڪو نذير عباسي جو پسنديدھ مشغلو پڻ ھو ـ نذير ان ڏانھن ايئن ئي پنهنجو نياپو پهچائيندو رهيو. جڏھن ته ڪامريڊ مانڌل شر کان پڇا ڪئي وئي ته ھو کروھي مان انڊيا جو بارڊر ڪيترا ڀيرا ڪراس ڪري ڀارت ويو آھي ۽ اتي ڪنھن ڪنھن سان ملاقاتون ڪيون اٿائين ـ ان ۾ سندس ڪھڙا ڪھڙا ساٿي آھن ـ ھن کين ڪجهه ناھي ٻڌايو رڳو چيو ته ھو ڪڏھن به ڀارت ناھي ويو ـ جيڪا حقيقت پڻ ھئي ـ مانڌل شر مٿان سرڪاري ڪارندا بيپناھ تشدد ڪندا رهيا. کيس ڪيترائي ڏينھن بکيو ۽ اڃيو رکيو ويو ـ مختلف قسم جي ٽارچرن بعد به هن پنهنجي زبان نه کولي.
ڪامريڊ مانڌل شر کاٻي ڌر ۾ ٽوڙ ڦوڙ باوجود پنھنجي سياسي نظيريي تان ھٿ نٿو کڻي بلڪي مختلف سياسي حالتن جي تبديل ٿيڻ باوجود مضبوط ٿنڀي طور ھڪ ھنڌ بيھي ڪري جدوجھد جاري رکي ٿو ـ ڪامريڊ مانڌل شر 18 آگسٽ 2016ع تي وفات ڪئي ـ ايئن ھارين جي تحريڪ جي ھڪ سنھري باب جي پڄاڻي ٿي وڃي ٿي ـ