آفريدي کي ” ڪتو“ ڪوٺڻ تي عرفان تي تنقيد، ڇا ڀارت ۾ رهڻ لاءِ پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ ضروري آهي؟سوشل ميڊيا

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شاهد آفريدي جو نالو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي، پر هن واري هو پاڻ ڪنهن نئين تڪرار جو سبب ناهي بڻيو، پر ان جو ڪارڻ اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ جو هڪ انٽرويو آهي جنهن ۾ هو ڪيئي دعوائون ڪيون ۽ ڪجهه الزام به مڙهيا آهن.
عرفان پٺاڻ ڊجيٽل پليٽ فارم ”للن ٽاپ“ جي ميزبان سورڀ دوويديءَ سان ڳالهائيندي پاڪستان سان پنهنجي ڇڪتاڻ جو ذڪر ڪيو ۽ شاهد آفريدي سان تڪرار جو حوالو ڏيندي چيو ته هو کيس 11 ڀيرا آئوٽ ڪري چڪو آهي.
شاهد آفريدي جو ان معاملي تي اڃا تائين ڪو به موقف سامهون ناهي آهي، پر سوشل ميڊيا واهپيدارن عرفان پٺاڻ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
انگن اکرن جي لحاظ کان ڇا عرفان جي دعويٰ درست آهي؟ هن رپورٽ ۾ اسان اهو به ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هڪٻئي جي خلاف عرفان ۽ شاهد آفريدي جا انگ اکر ڪهڙا آهن.
پنهنجي انٽرويوءَ ۾ اڳوڻي ڀارتي آل رائونڊر دعويٰ ڪئي ته ميدان ۾ سندس شاهد آفريديءَ سان سخت ٽڪراءُ رهيو ۽ هن انتهائي اهم موقعن ۽ ميچن ۾ کيس کي آئوٽ ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ” پاڪستاني سمجهندا آهن ته دنيا جا سڀئي مسلمان سندن ذميواري آهن، اها سندن غلط فهمي آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” مون ذاتي طور تي اهو محسوس ڪيو آهي، هرشا ڀوگلي (ڪامينٽيٽر) سان هڪ انٽرويو ۾ آفريدي کي ڪائونٽر ڪرڻ گهرجي ها پر هن نه ڪيو.“
انٽرويوءَ دوران عرفان پٺاڻ اِهو به چيو ته ” شاهد آفريدي جي ڳالهين جا موضوع عجيب هوندا هئا، هو پٺاڻن جو ذڪر ڪندي چوندو هو ته مان اصلي پٺاڻ آهيان ۽ تون ( عرفان) نقلي پٺاڻ آهين.“
ميزبان کائنس پَڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو ته ” ڇا واقعي شاهد آفريديءَ ائين چيو هو؟ “ جنهن تي عرفان ” ها“ ڪئي.
عرفان جو چوڻ هو ته هن آفريديءَ کي خبردار ڪيو ته ” مون کي لڳو ته تون مون بابت نه پيو ڳالهائين، منهنجي والدين جي باري ۾ ڳالهائي رهيو آهين، توکي ائين نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن تون اهڙي ڳالهه نه ڪرين ها ته مون کي توسان ڪو مسئلو به نه هجي ها، پر تون پرسنل ٿي رهيو آهين، اهو صحيح ناهي.“
هن اِهوبه چيو ته ” جڏهن آفريدي منهنجي آڏو ايندو هو ته مون کي کيس آئوٽ ڪرڻ جي سخت خواهش ٿيندي هئي، مون کيس 11 ڀيرا آئوٽ ڪري ثابت ڪيو ته اصل پٺاڻ ڪير آهي، مون هن کي اهم موقعن، فصلائتي ميچن ۾ ۽ ورلڊ ڪپ فائنل ۾ آئوٽ ڪيو آهي،.“
ميزبان سوال ڪيو ته ته ”فيلڊ ۾ آفريدي سان ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي؟“
عرفان جواب ڏنو ته ” فيلڊ ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪريز تي بيهڻ ضروري آهي، پر هو ٽِڪيو ئي ڪٿي، آيو ۽ ويو، ڪهڙي ڳالهه ڪندو، هن وٽ وقت ئي ڪونه هوندو. “
عرفان پٺاڻ سال 2006ع جي پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي چيو ته جيتوڻيڪ آفريدي سان ميدان تي ڳالهه ٻولهه گهٽ ٿي پر ميدان کان ٻاهر هڪ ڀيرو جهاز ۾ مليا هئاسين، اسان ڪراچيءَ کان لاهور وڃي رهيا هئاسين، ٻئي ٽيمون گڏ سفر ڪري رهيون هيون.
عرفان چيو ته ”آفريدي منهنجي مٿي تي هٿ ڦيريو، منهنجا وار بگاڙي ڇڏيائين ۽ چيو ”ٻيو ٻڌاءِ ٻار بچا ڪيئن ٿئي؟“ مون سوچيو ته هي ڇا آهي، تون ڪڏهن کان پيءُ بڻجي ويو آهين…! ٻارراڻيون حرڪتون ته تون ٿو ڪرين، منهنجي سينڌ خراب ڪري رهيو آهين، منهنجي ته توسان دوستي به ناهي پوءِ بدتميزي ڇو ٿو ڪرين.“
ڀارتي ڪرڪيٽر ٻڌايو ته ” پوءِ هن ڪجهه چيو ۽ گٿا لفظ ڳالهايا، اتي عبدالرزاق به موجود هو، مون کائنس پڇيو ته هتي ڪهڙو گوشت ملي ٿو؟ پوءِ مون ڀوڳن ۾ چيو ته ڪتي جو گوشت ملي ٿو ڇا؟
عرفان جو چوڻ هو ته ”مان سچ پچ تپي ويو هوس، عبدالرزاق چيو عرفان ائين ڇو پيو چئين، آفريدي جي سيٽ اتي هئي، مون چيو ته هن کاڌو ڪُتي جو گوشت کاڌو آهي، تنهنڪري ڀونڪي رهيو آهي، آفريدي ڳاڙهو ٿي ويو پر ڪجهه نه چيائين.“
واضح رهي ته آفريدي ۽ ڀارتي رانديگرن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، ان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ميدان جي اندر ۽ ميدان کان ٻاهر اهڙا واقعا سامهون آيا آهن، ڪڏهن گوتم گمڀير سان ته ڪڏهن هرڀجن سنگهه سان.
جيستائين عرفان پٺاڻ جو آفريديءَ کي 11 ڀيرا آئوٽ ڪرڻ جي دعويٰ آهي ته ڪرڪ ميٽرڪ موجب، هن کيس 9 ڀيرا آئوٽ ڪيو آهي.
عجيب ڳالهه اها آهي ته شاهد آفريديءَ کي ون ڊي جو رانديگر مڃيو ويندو هو ۽ ان فارميٽ ۾ ئي عرفان کيس 7 ڀيرا آئوٽ ڪيو آهي، جڏهن ته هڪ ڀيرو ٽيسٽ ۽ هڪ ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ۾ به هو سندس شڪار بڻيو.
سوشل ميڊيا تي هڪ واهپيدار لکيو ته ” آفريدي ٽيسٽ ۾ عرفان پٺاڻ خلاف 84 بالن تي 147 رنسون 175 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان ٺاهيون، پر عرفان چوندو آهي ته آفريدي ڪريز تي بيهندو ئي نه هو.“
ڪرڪ ميٽرڪ جي رپورٽ موجب، اهو درست آهي ۽ آفريدي پنهنجي ڪيريئر دوران عرفان کي ڇهه ڇڪا ۽ 21 چوڪا هنيا هئا.
هتي اِها ڳالهه پڻ نه وسارڻ گهرجي ته عرفان پٺاڻ واحد ڀارتي بالر آهي جنهن پاڪستان خلاف هيٽرڪ ڪئي، 2006ع ۾ ڪراچي ٽيسٽ ۾ سلمان بٽ، يونس خان ۽ محمد يوسف کي پهرئين اوور ۾ آئوٽ ڪيو، پر ان باوجود پاڪستان اها ميچ 341 رنسن سان کٽي ورتي هئي.
عرفان پٺاڻ پاڪستان خلاف 10 ٽيسٽ ميچن ۾ 385 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ هڪ سينچري ۽ هڪ ففٽي شامل آهي ۽ بالنگ ۾ کيس 27 وڪيٽون مليون.
جڏهن ته شاهد آفريدي ڀارت خلاف 8 ميچن ۾ 709 رنسون ٺاهيون، جنهن ٽي سينچريون ٽي ففٽيون اسڪور ڪيون، ان کانسواءِ بالنگ ۾ 14 وڪيٽون پڻ ورتيون.
ون ڊي ۾ عرفان 399 رنسون اسڪور ڪيون ۽ 34 وڪيٽون پاڪستان خلاف حاصل ڪيون، جڏهن ته آفريدي ڀارت خلاف 1524 رنسون ٺاهيون ۽ 38 شڪار ڪيا.

سوشل ميڊيا تي رد عمل
اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر دانش ڪنيريا عرفان پٺاڻ جي بيان جي حمايت ڪئي جڏهن ته ٻين ڪيترن عرفان کي تنقيد جو نشانو بڻايو.
پي ٽي وي اسپورٽس لکيو ته ” لالي (آفريدي) ڪڏهن به ڀڄڻ وارن مان نه آهي ۽ نه ئي پوئتي هٽڻ وارو آهي.“
فاروق ڪالسَن نالي هڪ واهپيدار لکيو ته ”عرفان پٺاڻ پنهنجي وزن کان گهڻيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، پنهنجي قد کان به وڏيون ڳالهيون ٿو ڪري، ڇا ڀارت ۾ رهڻ لاءِ پاڪستان خلاف ايترو زهر اوڳاڇڻ ضروري آهي؟
ڪيئي ڀارتي ميڊيا چينل آفريدي ۽ عرفان جي ڪلپس ڏيکاري رهيا آهن، ڪنهن ۾ آفريدي ڇڪا هڻي رهيو آهي ته ڪڏهن آئوٽ ٿي رهيو آهي.
هڪ صارف لکيو ته ” عرفان جي 122 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي ڊليوري آفريدي جي ڪلهي تي لڳي، پوءِ لالي کيس ٻيهر بائونسر ڪَرڻ لاءِ چيو ۽ ان بال کي بائونڊري لائين پار پهچائي ڇڏيو.“
عرفان پٺاڻ جو ڪيريئر
مجموعي طور تي عرفان پٺاڻ 29 ٽيسٽ ميچن ۾ 1105 رنسون ٺاهيون، ون ڊي ۾ 1544 ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ 172 رنسون اسڪور ڪيون.
بالنگ ۾ ٽيسٽ ۾ 100 وڪيٽون، ون ڊي ۾ 178 ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ 28 وڪيٽون مليون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.