ڊاروِن(ويب ڊيسڪ) ٽاپ اينڊ ٽي-ٽوئنٽي جي پندرهين ميچ ۾ پاڪستان شاهينز ميلبورن رينيگيڊز اڪيڊمي کي 73 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان شاهينز پهريان بيٽنگ ڪندي عبدالصمد جي شاندار ناقابلِ شڪست سينچريءَ جي مددسان مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنس ٺاهيون.
اوپنر ياسر خان ۽ خواجا نافع کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيو، محمد فائق 21 ۽ معاذ صداقت 4 رنس ٺاهي واپس موٽيا، 55 رنسن تي 4 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ عبدالصمد ۽ ڪپتان عرفان خان نيازي وچ ۾ 109 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.
عبدالصمد 110 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي جڏهن ته عرفان خان 23 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ميلبورن رينيگيڊز اڪيڊمي ٽيم 179 رنسن جي هدف جي جواب ۾ 19.2 اوورن ۾ 105 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جوش براون 36 رنسن سان نمايان رهيو.
پاڪستان شاهينز طرفان معاذ صداقت 3، فيصل اڪرم 2 جڏهن ته عبيد شاهه، سعد مسعود، محمد وسيم ۽ مبصر خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.