ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هاڪس بي جي سمنڊ ۾ پڪنڪ ملهائيندي 3 نوجوان ٻڏي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب واقعو عبدالرحمان ڳوٺ ڀرسان پيش آيو، جتي ٽي دوست وهنجندي سمنڊ ۾ ٻڏي ويا، جن جي سڃاڻپ خضر، ارباز ۽ ارمان جي نالن سان ٿي.
ايڌي جي غوطا خورن فوري طور ڪارروائي ڪندي ٽنهي کي سمنڊ مان ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو ۽ ٽنهي جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
You might also like