اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن ۾ 9 مئي وارن واقعن ۾ پي ٽي آءِ جي ملوث هجڻ جو ثبوت ملي ٿو ته اسين ضرور معذرت ڪنداسين۔مختلف ٽي وي پروگرامز ۾ ڳالهائيندي شيخ وقاص اڪرم وضاحت ڪئي ته:عمران خان جو موقف واضح آهي ته 9 مئي جي مڪمل سي سي ٽي وي فوٽيچ پيش ڪئي وڃي ۽ جوڊيشل ڪميشن بڻايو وڃي۔جيڪڏهن منصوبي ۾ پي ٽي آءِ جي شموليت ثابت ٿي وڃي ته اسين ضرور معذرت ڪنداسين”.پر معافي ڏيڻ کان اڳ ثبوت مهيا ڪرڻ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ “معذرت اهي ڪن جيڪي اسان سان ظلم ڪيو”.
شيخ وقاص اڪرم وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي پوري ڏينهن جي فوٽيچ آڻيو، “هڪ يا ٻه سيڪنڊ ڪٽيل فوٽيچ” قابلِ قبول نه آهي۔