لاهور (م ڊ) لاهور ۾ پوليس اعتراض جوڳي پارٽي دوران ڪيترن ئي کدڙن فقيرن کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب پارٽي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پنجاب حڪومت جي هدايت تي ڪاروائي ڪئي وئي. وڊيوز ۾ 50 کان 60 ماڻهو نظر اچي رهيا هئا، جن ۾ کدڙا فقير به شامل هئا. فيشن ڊزائينر ماريا بي سڀ کان پهرين اهي وڊيوز شيئر ڪيون ۽ اهڙين تقريبن کي قومي اخلاقيات خلاف قرار ڏيندي سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. پوليس فحاشي سان لاڳاپيل مختلف قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو آهي. ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران چيو ته پارٽي يا فوٽو شوٽ جي نالي تي فحاشي ڪرڻ قانوني طور ڏوهه آهي، ملوث ماڻهن کي سزا ملندي. ساڳئي وقت انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ کدڙن فقيرن لاءِ سرگرم ايڪٽوسٽن گرفتاري تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهڙن قانونن جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي.