جمهوري سياست جي بحالي لاءِ گڏيل معاهدي جي ضرورت

تحرير: اعجاز ممنائي

گذريل مهيني سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني نئون ميثاق جمهوريت آڻڻ جي تجويز ڏني هئي. هن چيو هو ته گذريل معاهدي تي نظرثاني ڪئي وڃي. نئين ميثاقِ جمهوريت ۾ 1973ع واري آئين جي بالادستي، پارليامينٽ، قانون جي حڪمراني، عدليه جي آزادي، آزاداڻين ۽ منصفاڻين چونڊن، اختيارن جي ٽن حصن (ٽرائيڪوٽومي) جي ورهاست، بلوچستان جي مسئلن جو حل، ڪي پي ڪي ۽ فاٽا سان ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حل، اندورني دهشتگردي، انتظامي ۽ فوجي بيوروڪريسي جي وچ ۾ رابطي کي اهميت ڏني وڃي۔ ان ساڳئي خيال کي اڳتي وڌائيندي وزيراعظم شهباز شريف 79 هين آزادي جي ڏينهن ۽ انصاف جي جدوجهد ۾ فتح جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اسان سياسي ورڇن، ذاتي مفادن ۽ خالي نعرن کان اڳتي وڌون ۽ ملڪ لاءِ اجتماعي سوچ اختيار ڪريون.

وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني سياسي پارٽين، اسٽيڪ هولڊرز ۽ سول سوسائٽي کي پاڪستان جي استحڪام لاءِ ميثاق جمهوريت واري معاهدي جو حصو بڻجڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم شهباز شريف معيشت لاءِ معاهدي تي به زور ڏنو ۽ چيو ته حڪومت اڳ ۾ سياسي استحڪام لاءِ سياسي ڳالهين تي زور ڏنو آهي.. 2006ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ٿيل ميثاق جمهوريت ان وقت ۾ وڏي اڳڀرائي هئي، جنهن جو مقصد اهو ئي هو ته جمهوري قوتون پاڻ ۾ وڙهڻ بدران ادارن کي سندن حدن ۾ رکڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن. پر افسوس انهيءَ معاهدي تي هلڻ بجاءِ سياسي قوتون وري اقتدار جي نشي ۾ غرق ٿي ويون ۽ ادارن کي پنهنجي مرضي سان استعمال ڪرڻ لڳيون، جنهن سان جمهوريت ڪمزور ٿي ۽ غيرجمهوري قوتن جي مداخلت جي لاءِ دروازا کلي پيا۔ قومي اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان ۾ تجويز ڏني آهي ته پي ٽي آءِ کي موجوده صورتحال مان حڪومت سان سياسي ڳالهين ذريعي نڪرڻ گهرجي، اهڙي وقت ۾ جڏهن پي ٽي آءِ جي تقريبن سڀني اهم اڳواڻن ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن کي 9 مئي جي ڪيسن ۾ ڊگهيون سزائون ڏنيون ويون آهن.

ملڪ هن وقت دهشتگردي ۽ بدامني يا معاشي مشڪلاتن جي ڪري جنهن صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي، اهو صرف ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد لاءِ ناهي، پر هر اهم پارٽي جي مشڪلاتن کي سمجھڻ، سمجهوتو ڪرڻ ۽ ڳالهين جي ضرورت اهميت جوڳي آهي. حال ۾، پاڪستان آئين تحريڪ جي تحت آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سياسي پارٽين جي وچ ۾ قومي ڳالهه ٻولهه ۽ هڪ نئين ميثاق جمهوريت جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ لاڳاپا، جيڪي ماضي ۾ ڇڪتاڻ وارا هئا، هن وقت ڪجهه بهتر ٿيا آهن۔ جڏهن ٻنهي پارٽين  بينظير ڀٽو جي وقت ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيون ڪيون هيون ان جي باوجود ٻئي پارٽيون هڪٻئي مٿان الزام لڳائينديون رهيون ته لکت ۾ ڪيل وعدن تي عمل نه پيو ٿئي .

 جيتوڻيڪ ميثاق جمهوريت هڪ اهڙو معاهدو هو جو جيڪڏهن ان کي حقيقي معنيٰ ۾ لاڳو ڪيو وڃي ها، ته اڄ ملڪ جي سياسي صورتحال بنهه مختلف هجي ها ۽اڄ وري ٻئي ميثاق جمهوريت ۽ ترقياتي معاهدي جي گهر ڪرڻ جي ضرورت نه هجي ها. اهو اسان جي قومي نعري جو حصو بڻجي چڪو آهي ته پوءِ اهو هڪ خاص ايڪشن پلان هجي يا ميثاق جمهوريت هجي، جڏهن ان کي لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه اچي ٿي، ته اسان بي عمل ۽ ناڪام نظر اچون ٿا، جيڪو اسان جي قومي ۽ سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامي جو هڪ وڏو سبب آهي. سياسي ماهر هڪ قدم اڳتي وڌن ٿا ۽ ميثاق خودمختاري جي تجويز ڏين ٿا، جنهن بابت اهي چون ٿا ته اسان جي پياري ملڪ ۾، مسئلو هاڻي سياسي بالادستي کان اڳتي وڌي ويو آهي ۽ آئين جي حڪمراني تائين پهچي چڪو آهي، ۽ 250 ملين ماڻهن جي حڪمراني جي حق جو سوال وڌيڪ سنجيده آهي. ان حوالي سان مختلف حڪمرانن ۽ سياستدانن پنهنجون ڪوششون ڪيون آهن، پر انهن کي جيڪو انجام مليو اهو سڀني جي سامهون آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته سياسي پارٽين کي ڪجهه ڪردار ۽ عمل ڏيکارڻ جي ضرورت آهي.

 حقيقت اها آهي ته هائبرڊ سسٽم جي مسلسل حملن جي نتيجي ۾، پاڪستان جو آئين ۽ پارلياماني جمهوري نظام پنهنجو مطلب وڃائي چڪو آهي ۽ اڄ عوام ۽ رياست جي وچ ۾ سماجي معاهدو ٽٽي چڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾، ملڪ جي سڀني سياسي قوتن ۾ هڪ نئين جمهوري چارٽر لاءِ قومي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ هڪ مڪمل اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته، ملڪ کي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هي ٻيو ڀيرو آهي ته سياسي پارٽيون ٻئي جمهوري چارٽر جي ضرورت محسوس ڪري رهيون آهن. ان کان اڳ، ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جي اڳواڻن سميت ستر سياسي پارٽيون هڪ جمهوري چارٽر تي صحيون ڪيون هيون، جيتوڻيڪ ان تي مڪمل طور تي عمل نه ٿي سگهيو، پر ان کان پوءِ، سياسي پارٽيون ڪجهه حد تائين اصولي ۽ جمهوري سياست ڏانهن واپس آيون. ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو هڪ ٻيو خط سامهون اچي ويو آهي. جن پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ٻن وڏين پارٽين ۾ طئي ٿيل ميثاق جمهوريت جي ڪري ناڪام ٿي چڪو آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته ميثاق جمهوريت آئين جي بالادستي ۽ عدليه جي آزادي يقيني بنائڻ لاءِ ڪيو ويو هو.پر ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ذاتي مفادن لاءِ ميثاق جمهوريت کي تباهه ڪيو.پي ٽي آءِ اڳواڻن لکيو ته موجوده حڪومت ميڊيا تي پيڪا، عدليه تي 26هين ترميم ۽ پارليامينٽ کي فارم 47 جي ذريعي تباهه ڪيو، عوام جي جمهوري حقن جي مڪمل پاسداري ٿيڻ گهرجي.جڏهن ته ملڪ کي مسئلن کان ڪڍڻ لاءِ آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني نهايت ضروري آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به اسير اڳواڻن جي کليل خط ۾ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالهين جو مطالبو ڪيو ويو هو.

 هن وقت ملڪ ۾ جمهوري سياست جي گاڏي هڪ ڀيرو ٻيهر رڪاوٽن ۾ ڦاٿل نظر اچي رهي آهي، جنهن کي متبادل طريقي سان ان رڪاوٽ مان ڪڍڻو آهي. ڇوته سياسي ماحول ايترو تلخ ٿي ويو آهي جو ملڪ جو ڊگهي عرصي تائين هلڻ مشڪل آهي۔ ڇوته سياسي پولرائيزيشن هن وقت گرفت ۾ آهي. جيڪڏهن جمهوريت کي قائم رکڻو آهي ته هلڻ ڏنو وڃي ها ته  جمهوري چارٽر تي عمل ڪرڻو پوندو. ملڪ ۾ استحڪام ۽ جمهوريت جو حقيقي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ، سياسي پارٽين کي پهريان هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ گهرجي، موجوده صورتحال نهايت ئي ڳنڀير بڻجي چڪي آهي. ان لاءِ سياستدانن ۽ سياسي پارٽين کي وسيع بنيادن تي مسئلن تي متفق ٿي هڪ ٽيبل تي ويهڻو پوندو ۽ هڪ ٻئي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ جي همت پيدا ڪرڻي پوندي. تڏهن ئي ملڪ ۾ ميثاق جمهوريت ۽ استحڪام جو رستو هموار ٿي سگهندو.جيڪڏهن هن موقعي کي ضايع ڪيوسين ته مارشل لا جو خطرو وڌي ويندو هاڻي حڪمران جماعت يعني پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن)کي پڪ ٿي وئي آهي ته هاڻي جيڪڏهن اتحاد نه ڪنداسين ته  عمران خان جهڙو حشر اسان سان به ٿيندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.