ڪراچي(عرفان بلوچ+ماريا اسماعيل)ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ کان وڪيل برادري پاران ريلي ڪڍي سي ايم هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو،پوليس طرفان مظاهرين کي روڪڻ لاءِ وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آل سنڌلائرز ايڪشن ڪميٽي ۽ سنڌحڪومت وچ ۾ ڪمشنر ڪراچي آفيس ۾ ڳالهيون ڪاميبا ب ٿي ويون، سنڌحڪومت وڪيلن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ هڪ هفتي جي مهلت گهري ورتي ، آل سنڌلائرزايڪشن ڪميٽي پنهنجو احتجاج هڪ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو،ڪراچي جي ميئر مرتضي وهاب چيو ته مان وڪيلن جا مطالبا لاڳاپيل اختيارين جي آڏو پيش ڪندس .ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان پنهنجو چارٽرآف ڊمانڊ حڪومتي وفد آڏو رکيو آهي ڪراچي بار جي جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي چيو ته اسان پنهنجا اٺ مطالبا پيش ڪيا آهن جنهن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي نجي ڪمپنين کي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ بند ڪيو وڃي.26 هين آئيني ترميم وارو ڪارو قانون واپس ڪيو وڃي.هن چيو ته اسان مطالبو ڪيو آهي ته پيڪا ايڪٽ جي ڪاري قانون تحت ميڊيا جو آواز ڌٻايو ويو آهي, پيڪا ايڪٽ ختم ڪيو وڃي.موري واقعي تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي. وڪيل اڳواڻ مطالبو ڪيو آهي ته سنڌو ڌرياء تي ڪينال ڪنهن به صورت ۾ منظور نه ڪيا ويندا. رٽائرڊ ججن جي مقرري وارو فيصلو واپس وٺي ميرٽ تي ججن کي مقرر ڪيو وڃي.وڪيلن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي ۽ وڪيلن کي هٿيارن جا لائسنس به جاري ڪيا وڃن، اشرف سمون چيو ته سنڌ اندر بدامني وڌي وئي آهي ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته اسان ٻٻرلو جيان هڪ وڏو ڌرڻو هڻنداسين