وزيراعظم پاران ڪي پي ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف، نئشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم  اي) جي چيئرمين کي خيبرپختونخوا جي 9 متاثر ضلعن ۾ امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.رپورٽ موجب سماجي رابطن جي پليٽ فارم ‘ايڪس’ تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخوا ۽ اتر ين علائقن ۾ ڪڪر ڦاٽڻ ۽ اوچتي ٻوڏ جي ڪري ٿيل تباهي تي ڏک پهتو آهي. هن چيو ته هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ اسان پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي لاءِ بيٺا آهيون، حڪومت ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ سمورا وسيلا متحرڪ ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اين ڊي ايم اي چيئرمين سان ملاقات ۾ سوات بونير باجوڙ تورغر مانسهرا، شانگلا ۽ بٽ گرام سميت متاثر ضلعن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، خاص طور تي باجوڙ ۽ بٽ گرام تي فوري ڌيان ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڦاٿل ماڻهن کي فوري رليف فراهم ڪيو پيو وڃي، زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته روڊن جي صفائي ۽ رابطن جي بحالي لاءِ وڏيون مشينون مقرر ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.