لاهور(مزمل سهروردي)ناليواري عالم علامه طاهر اشرفي چيو آهي ته موجوده نظام هلندو،ڪا مشڪل نظر نه پئي اچي،معرڪه حق کانپوءِ فوج جي پذيرائي ۾ واڌ ٿي آهي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جي وزيرن ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته ايندڙ ڀيري موڪل ٿي ويندي،اسٽيبلشمينٽ لاءِ هن حڪومت ۾ ڪي به رڪاوٽون ناهن،فيلڊ مارشل کي ڪا به ضرورت ناهي ته هو اچي ڪنهن ٻئي عهدي تي ويهي،هن چيو ته اسلام آباد ۾ مسجد جنهن انداز ۾ ڪيرائي وئي اهو ٺيڪ ناهي،گرين بيلٽ تي ٻيون به گهڻيون اڏاوتون آهن،رڳو مسجد ئي ڇو ڊاٿي وئي؟هن چيو ته حڪومت ۾ ويٺل منصب تي ويٺل آهن ته ڪم به ڪن،اوطاقن ۾ ويهڻ سان ڪجهه نه ٿيندو،هن چيو ته آئنده سڀني کي اليڪشن وڙهي اچڻو پوندو،هاڻي فارم 47۽ فارم 45 وارو کيل نه هلندو، 9 مئي جي واقعن سبب 8 فيبروري تي فارم 47 آڻڻو پيو،قوم ۾ شعور اچي چڪو آهي،اسٽيبلشمينٽ به هاڻي ڪم نه ڪندڙ وزيرن جو بار نه کڻي سگهندي،گار انهن کي ملي رهي آهي،حڪومت ۾ ويٺل وزيراعظم ۽ وزير عهدن جا مزا ماڻي رهيا آهن،في الحال محسن نقوي جي هٿن ۾ وزيراعظم ٿيڻ واري لڪير نظر نه پئي اچي،شهبازشريف هڪ سٺو ايڊمنسٽريٽر آهي،هن چيو ته ابراهم اڪارڊ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي صحيح ڪرڻ واري ڳالهه فضول آهي،سعودي ولي عهد جي پاڪستان دوري ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي،