اسان جا حڪمران موسمياتي تبديلي جو ته ذڪر ڪندا رهيا آهن ۽ هلندڙ سال ملڪ اندر آيل برساتن ۾ جيڪا شدت نظر اچي رهي آهي تنهن جو ڪارڻ به موسمياتي تبديلي ٻڌايو وڃي ٿو خاص ڪري هن وقت تائين ملڪ جي مٿئين اترين علائقن ۾ برساتن جيڪا تباهي مچاهي آهي تنهن کي ڏسي هاڻي سنڌ صوبي جي ڳڻتيءَ اچي ورايو آهي ته جيڪڏهن ايڏي شديد برسات هتي پئي ته ڇا ٿيندو؟ هاڻي ته اڄ کان سنڌ ۾ به برساتن جي لهر اچڻ جي اڳڪٿي ٿيل آهي. سو اسان کي چؤماسي جي برساتي موسم ۾ هرسال پوندڙ برسات ۽ ان برسات سبب درياهن ۾ ايندڙ چاڙهه ۽ چاڙهه سبب ايندڙ ٻوڏن ۽ هاڻي موسمياتي تبديلين سبب برساتن ۾ آيل شدت، ڪڪر ڦاٽڻ واري لاڙي بابت ته خبر آهي اڃان به چئجي ته ان بابت ئي گهڻو ڪجهه ٻڌايو وڃي ٿو پر جيڪڏهن ڪجهه نه ٿو ٻڌايو وڃي ته اهو برساتن ۽ ٻوڏن کان بچاءُ جي اڳواٽ انتظامن بابت نه ٿو ٻڌايو وڃي يا ناهي ٻڌايو ويندو.
ان حوالي سان ڏسجي ته چؤماسي جي موسم هر سال ايندي آهي جنهن ۾ پهريون برساتون پونديون آهن ۽ پوءِ برساتي پاڻي جي واڌ سبب درياهن ۾ اڀار ايندو آهي ۽ ان اڀار جي نتيجي ۾ ٻوڏون اينديون آهن. اهو معمول جو قدرتي سلسلو آهي ڪو نئون ناهي. ان ڪري هر سال ملڪ اندر برساتن ۽ ٻوڏن جي تباهي به ٿيندي آهي ۽ ان پس منظر ۾هر سال اسان حڪومتن کي ياد به ڏياريندا آهيون ته چؤماسي جي موسم اچڻ کان اڳ ئي پنهنجا مڪمل حفاظتي انتظام ڪيا وڃن پر ڏسڻ ۾ ايئن ايندو آهي ته اسان جون حڪومتون اڳواٽ حفاظتي انتظامن جو ڪو ٺوس ۽ دلجاءِ جهڙو انتظام ناهن ڪري سگهنديون باوجود ان جي ته عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي حڪومتن مٿان اولين ڊيوٽي لاڳو هوندي آهي.
هن سال ته سڀ کان گهڻي تباهي ملڪ جي مٿين اترين علائقن ۾آئي آهي پر ماضي ۾ 2010 هجي، يا 2023 جون برساتون هجن انهن جيڪي تباهيون آنديون تن مان لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت ڪجهه پرايو ئي ناهي. سنڌ حڪومت جا ڪجهه وزير اهي ته دعوائون ڪري رهيا آهن ته اسان ٻوڏن کي منهن ڏيندا رهيا آهيون، اسان هاڻي به منهن ڏئي وينداسين پر پر ڪيئن منهن ڏئي وينداسين اهو ناهي ٻڌايو ويندو.ٻيو ته اها دعويٰ به درست ناهي ته ڪو سنڌ حڪومت ماضي ۾ آيل ٻوڏن ۾ بهترين حڪومتي ڪارڪردگي ڏيکاري هئي. انهن ٻوڏن ته ريڪارڊ تباهي ئي ايندي هئي. سنڌ حڪومت تي هميشه کان اها به تنقيد ٿيندي رهي آهي ته ان پنهنجي غلط پالسين ۽ ناقص حڪمت عملين سبب رهندو ٻوڏن کي تباهي مچائڻ جو موقعو ڏنو آهي. چوڻ وارا ته اهو به چوندا رهيا آهن ته حڪمران ٻوڏن جي تباهي تي ان ڪري به گهڻو ارهو ناهن ٿيندا جو انهن ڪري کين وڏيون مالي امدادون ملنديون آهن جن مان گهڻو حصو حڪمرانن جي کيسن ۾ هليو ويندو آهي.
ممڪن آهي ته اهو تاثر غلط هجي پر اها به حقيقت آهي ته برساتي موسمن ۽ ٻوڏن کان بچاءُ لاءِ جيڪي حفاظتي انتظام حڪومتن کي هر سال ڪرڻ گهرجن سي ٿيندي نظر ناهن ايندا جنهن ڪري ملڪ اندر برساتن ۽ ٻوڏن جي تباهي گهڻي ايندي آهي پر جيڪڏهن هر سال حفاظتي انتظام ڪجن ۽ پوءِ وري آيل برساتن ۽ ٻوڏن کي انهن حفاظتي انتظامن جي روشني ۾ڏسي ايندڙ سال وڌيڪ بهتر انتظام ڪرڻ جو جيڪو مشن ۽ چئلنج هٿ ۾ کڻڻ گهرجي سو به نظر ناهي ايندو. جڏهن ته اسان هر سال حڪومتن کي نه صرف اڳواٽ حفاظتي انتظام ڪرڻ جو يادگيرو ڏياريندا آهيون پر اهو به ٻڌائيندا آهيون ته کين ڪهڙي ڪهڙي نوعيت جا حفاظتي انتظام ڪرڻ گهرجن. اسان ته هر سال کين ٻڌائيندا آهيون ته چؤماسي جي برساتي موسمن کان اڳ درياهن، واهن، ۽ بندن جي وقت سر مرمت ڪئي وڃي، واهن جي کوٽائي ڪري انهن ۾ پاڻي جي جمع ٿيڻ جي گنجائش وڌائي وڃي، ڪمزور بندن کي هر سال مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن انهن ۾ گهارا نه پئجي سگهن ۽ بندن جي اوچائي هر سال وڌائي وڃي جيئن درياهن جو پاڻي ڳوٺن ۽ شهرن کي نه ٻوڙي. ايئن برساتن جي نقصان کان بچاءُ لاءِ وڏن نالن جي اڳواٽ صفائي ڪرائي وڃي. جن برساتي نالن تي قبضا هجن سي ختم ڪري اهي فعال بڻايا وڃن. برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ هنگامي بنيادن تي واٽر پمپن جي وافر مقدار ۾ موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ايئن واٽر پمپن هلائڻ لاءِ جنريٽرن جو انتظام به اڳواٽ ٿيل هجي. ايمر جنسي ٽيمن جو به بروقت انتظام ٿيل هجي. ايئن رليف سينٽر تيار هجن اها به حقيقت آهي ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي توڙي صوبائي ادارا به قائم ٿيل هوندا آهن، انهن لاءِ هر سال بجيٽ به رکي ويندي آهي پر جڏهن به ڪا آفت ايندي آهي ته اهي ادارا فنڊن ۽ سامان جي کوٽ جو داستان بيان ڪندا آهن جڏهن ته انهن ادارن جي سربراهن کي اهي دانهون پهريون ئي ڪرڻ گهرجن، اڳواٽ ئي اک پٽڻ گهرجي ۽ پنهنجي بهتر ڪارڪردگي لاءِ حڪومتن کان گهربل سهولتون وٺڻ گهرجن. ايئن ئي آبپاشي واري کاتي کي به اڳواٽ ئي پنهنجي ڪارڪردگي لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي پر عام طور تي ٿيندو ايئن آهي ته جڏهن تباهي مٿن کان اچي بيهندي آهي ته تڏهن ئي سڀ ڪجهه ڪرڻ جو سوچيو ويندو آهي جنهن ڪري حڪومتن جي ڪارڪردگي جا سڀ پول پڌرا ٿي ويندا آهن.
هاڻي به يقين ناهي ته سنڌ حڪومت ملڪ جي اترين علائقن ۾ آيل برساتي ۽ ٻوڏن جي تباهي جي روشني ۾ سنڌ اندر ڪهڙا اڳواٽ حفاظتي ا نتظام ڪيا آهن. تنهن ڪري اسان هاڻي به سنڌ حڪومت کان پڇڻ چاهينداسين ته ان ملڪ جي اترين علائقن برساتن ۽ ٻوڏن سبب آيل تباهي کي ڏسندي سنڌ لاءِ ڪهڙا اڳواٽ حفاظتي انتظام ڪيا آهن؟