وڏيرا مون کي نصرالله گڏاڻي جيان مارائي ڇڏيندا، وڪيل ۽ صحافي مالڪي ڪن: جنيد جاني

سکر (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر بشير عرف جنيد جاني چيو آهي ته وڏيرا مون کي نصرالله گڏاڻي جيان مارائي ڇڏيندا، وڪيل ۽ صحافي مدد ڪن.
ڪراچي مان گرفتار ڪيل جنيد جاني کي سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ٽيم پاران سکر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي وئي.
عدالت جنيد جاني کي پنجن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي سائبر ڪرائيم ٽيم جي حوالي ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جاني جنيد چيو ته وڏيرا مون کي شھيد صحافي نصرالله گڏائي جيان مارائي ڇڏيندا، وڪيل ۽ صحافي مالڪي ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.