چُپ آهيان ته ان جو مطلب اِهو ناهي ته ماڻهو صحيح آهن: طوبيٰ انور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاراطوبيٰٰ انور چيو آهي ته هوءَ پنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏئي گهر جا معاملا ٻاهر آڻڻ نٿي چاهي، سندس خاموش رهڻ جو مطلب اهو نه آهي ته ماڻهو جيڪي چون ٿا اهو صحيح آهي.
ويجهڙ ۾اداڪارا هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران طوبيٰ انور پنهنجي ڪيريئر ۽ ذاتي زندگيءَ تي تفصيلي روشني وڌي.
سندس چوڻ هو ته شروعاتي طور تي هوءَ ڪارپوريٽ ۽ پروڊڪشن سيڪٽر ۾ ڪم ڪندي رهي، جڏهن ته ڪجهه اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون به لکي چڪي آهي، پر هاڻي کيس لکڻ ڏکيو لڳي ٿو.
سندس چوڻ هو ته کيس اداڪاري جو ڪو خاص شوق نه هو، پر ميڊيا جي فيلڊ سان واڳيل هئڻ سبب اوچتو اداڪاري شروع ڪئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾ اڪيلي يا خاندان کانسواءِ رهندڙ شوبز سان لاڳاپيل لڳ ڀڳ 400 اداڪارن جو واٽس ايپ گروپ ٺهيو آهي، جنهن ۾ هوءَ به شامل آهي.
سندس چوڻ هو ته ان گروپ وسيلي سڀني عورتن جي سيڪيورٽي، مالي، اخلاقي ۽ پروفيشنل مدد کي يقيني بڻايو ويندو.
سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد بابت طوبيٰ انور تسليم ڪيو ته اهڙي فضول تنقيد ذهني صحت تي اثرانداز ٿيندي آهي، پر هاڻي هوءَ اهڙن تبصرن کي نظرانداز ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ماڻهن جي ذاتي زندگيءَ بابت تبصرن کيس گهڻو متاثر ڪيو، پر هن ڪڏهن به جواب ڏيڻ بدران خاموش رهڻ پسند ڪيو.
اداڪارا چيو ته سندس طرفان جواب نه ڏيڻ جو مطلب اهو ناهي ته ماڻهن جون ڳالهيون صحيح آهن، پر هوءَ اهڙي قسم جي ڳالهين تي بحث ڪرڻ نٿي چاهي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي نجي زندگيءَ بابت ڪنهن کي جواب ڏئي گهر جا مسئلا ٻاهر نه آڻڻ چاهي ٿي، ان ڪري ڪڏهن ڪنهن کي وضاحت نه ڏني.
طوبيٰ انور وڌيڪ چيو ته سندس گهرڀاتي سندس زندگي ۽ حقيقتن کان واقف آهن، تنهنڪري ٻين کي ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.