سنڌ طاس معاهدي سبب ڀارتي آبادگارن کي گهڻو نقصان ٿيو: مودي

دهلي (م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، پاڪستان سان 1960ع ۾ ٿيل سنڌ طاس معاهدي کي ’غير منصفاڻو ۽ هڪ طرفو‘ قرار ڏيندي  چيو آهي ته هن معاهدي سبب ڀارتي آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، هندستان جي آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي، دهلي جي لال قلعي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نريندر مودي سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پاڻي جي ورهاست تي تنقيد ڪئي ۽ پاڪستان جو نالو وٺڻ کان سواءِ چيو ته ڀارت ’ايٽمي ڌمڪين آڏو جهڪڻ وارو ناهي، مودي تقريبن ٻه ڪلاڪ جاري رهندڙ پنهنجي تقرير ۾، مئي جي ’آپريشن سندور‘ ۾ ڀارتي فوج جي ڪاميابي، آر ايس ايس جا مقصد، خلائي مشن، سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ معيشت سميت مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔گذريل ڏينهن پاڪستان جي آزادي جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته ’اسان جي ايٽمي طاقت جارحاڻي سوچ نه پر ڀارت جي جوهري جارحيت جي توازن لاءِ آهي۔‘ هن الزام هنيو ته ڀارت ’ڪوڙ جي بنياد تي پاڪستان تي حملو ڪيو، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، هندستان جي آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي، ٻيهر پنهنجا جنگي ارادا ظاهر ڪندي جديد دفاعي نظام آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، مودي جو هي اعلان، دفاع جي نالي ۾ جنگي جنون ۽ علائقي ۾ بيچيني وڌائڻ جي هڪ نئين ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي، نريندر مودي لال قلعي ۾ عوام کي خطاب ڪندي چيو ته سندس حڪومت 2035ع تائين هڪ نئون جديد دفاعي نظام ”سودرشن چڪرا“ (Sudarshan Chakra) آڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جنهن جو مقصد قومي اهميت وارن هنڌن جو تحفظ ڪرڻ آهي، هي نئون دفاعي نظام سڀني اهم هنڌن جهڙوڪ ريلوي اسٽيشنن، اسپتالن ۽ مذهبي هنڌن جي حفاظت ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.