اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي گورنر محمد زبير يوٽيوب تي مبشر لقمان سان انٽرويو ۾ پارٽي جي اندروني سياست ۽ اختلافن بابت انڪشاف ڪيا آهن. محمد زبير مطابق، نواز شريف جي دورِ ۾ پرڏيهي پاليسي بابت سٺا قدم کنيا ويا، جن ۾ واجپائي ۽ مودي کي پاڪستان سڏائڻ جهڙا تاريخي فيصلا شامل هئا، پر موجوده قيادت اهي پاليسيون ڇڏي ڏنيون ۽ معاشي پاليسي کي به نقصان پهچايو. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن ۾ مفاهمتي ۽ مزاحمتي گروپ موجود هئا، مريم نواز ۽ نواز شريف مزاحمتي بيانيي تي هلي رهيا هئا، جڏهن ته شهباز شريف مفاهمتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ چاهيندو هو. زبير موجب، جڏهن اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا عمران خان کان ناراض ٿيو ته شهباز شريف کي متبادل پلان طور ڏٺو پئي ويو، پر ان دوران مزاحمتي بيانيي کي ختم ڪري شهباز شريف کي ڳالهين جو موقعو ڏيڻ جي صلاح ڏني وئي. محمد زبير دعويٰ ڪئي ته شهباز شريف جي اچڻ کانپوءِ مون سميت جاويد لطيف ۽ پرويز رشيد کي پارٽي جي اهم ميٽنگن ۾ سڏائڻ بند ڪيو ويو، جڏهن ته وقت سان مريم نواز ۽ شهباز شريف جي ويجهڙائي وڌي وئي.