شڪارپور واسي عبدالصبور ميمڻ کي بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام، ٽِڪ ٽاڪر مخدوم جنيد جاني ڪراچيءَ مان گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شڪارپور واسي عبدالصبور ميمڻ جي شڪايت تي مخدوم جنيد جاني کي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ) ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو.
عبدالصبور ميمڻ، ٽڪ ٽاڪر بشير عرف جنيد جاني تي الزام لڳايو آهي ته هن بليڪ ميلنگ ڪندي 44 لک رپيا ورتا ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.
عبدالصبور جي شڪايت تي اين سي سي آءِ جي پوليس اسٽيشن سکر ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ ڪارروائي ڪندي جنيد جاني کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو.
جنيد جاني سان گڏ ايف آءِ آر ۾ عورت ريشمان جو نالو به شامل آهي.
ان کانسواءِ، بشير عرف جنيد تي هڪ پوليس اهلڪار تي حملو ڪرڻ ۽ کيس زخمي ڪرڻ جو هڪ ٻيو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.